پاڪستان کي راندين جو سامان تيار ڪندڙ پنهنجي مشهُور صنعت جي ذريعي فٽ بال جي عالمي ايونٽ جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي راندين جو سامان تيار ڪندڙ پنهنجي مشهُور صنعت جي ذريعي فٽ بال جي عالمي ايونٽ جو حصو بڻجڻ تي فخر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ آفيشل مئچ بالز “ٽريونڊا” پاڪستان ۾ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي اسان جي ماڻهن جي مهارت، هنرمندي ۽ بهترين ڪاريگري جي عڪاسي ڪن …

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي راندين جو سامان تيار ڪندڙ پنهنجي مشهُور صنعت جي ذريعي فٽ بال جي عالمي ايونٽ جو حصو بڻجڻ تي فخر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ آفيشل مئچ بالز “ٽريونڊا” پاڪستان ۾ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي اسان جي ماڻهن جي مهارت، هنرمندي ۽ بهترين ڪاريگري جي عڪاسي ڪن ٿا، دعا آهي ته هي ٽورنامينٽ سڄي دنيا ۾ دوستي، اتحاد ۽ راندين جي اعلى معيار جي فروغ جو ذريعو بڻجي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ سڄي دنيا جي فٽ بال شائقين جي لاءِ هڪ تمام خاص ٿي آهي ڇو ته 23هون فيفا ورلڊ ڪپ شروع ٿي رهيو آهي، اهو عالمي ايونٽ راندين جي ان منفرد صلاحيت جو جشن آهي جيڪو سرحدن، ثقافتن ۽ قوميتن کان مٿانهون ٿي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿو. وزيراعظم ميزبان ملڪن آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو سميت سمورن شريڪ ملڪن جي لاءِ ڪامياب ۽ يادگار ٽورنامينٽ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي راندين جو سامان تيار ڪندڙ پنهنجي ناليواري صنعت جي  ذريعي ان عالمي ايونٽ جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي، فٽ بال ورلڊ ڪيپ ۾ استعمال ٿيندڙ آفيشل بالز “ٽريونڊا” پاڪستان ۾ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي اسان جي ماڻهن جي مهارت، هنرمندي ۽ بهترين ڪاريگري جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم دعا ڪئي ته اهو ٽورنامينٽ سڄي دنيا ۾ دوستي، اتحاد ۽ راندين جي اعلى معيار جي فروغ جو ذريعو بڻجي.

مزید خبریں