اقتصادي سروي 26 – 2025ع ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي ۽ سڌاراجاتي قدمن کي اجاگر ڪيو ويو

اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 26 – 2025ع ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ماتحت ادارن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) جي ڪارڪردگي ۽ سڌاراجاتي قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته جاري مالي سال دوران ميڊيا سيڪٽر جي تنظيم، نشرياتي معيار جي بهتري، فني اپ گريڊيشن، عوامي آگاهي، قومي …

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 26 – 2025ع ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ماتحت ادارن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) جي ڪارڪردگي ۽ سڌاراجاتي قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته جاري مالي سال دوران ميڊيا سيڪٽر جي تنظيم، نشرياتي معيار جي بهتري، فني اپ گريڊيشن، عوامي آگاهي، قومي بيانيي جي فروغ ۽ ڊيجيٽل پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا جڏهن ته نشرياتي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏا فنذ پڻ رکيا ويا. خميس ڏينهن جاري ڪيل اقتصادي سروي 26 – 2025ع موجب پيمرا 31 مارچ 2026ع تائين پاڪستان ۾ 142 سيٽلائيٽ ٽي وي لائيسنس جاري ڪيا جن ۾ 49 نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز، 47 تفريحي، 21 علائقائي زبانن، 3 صحت، 6 راندين، 9 تعليم، 6 نان ڪمرشل تعليمي، هڪ زراعت بابت چينل شامل آهن. اهڙي طرح 31 مارچ 2026ع تائين مجموعي طور تي 240 ايف ايم ريڊيو لائيسنس جاري ڪيا ويا جن ۾ 172 ڪمرشل، 68 نان ڪمرشل چينل شامل آهن. پيمرا جولاءِ کان مارچ 26 – 2025ع دوران هڪ ٽي وي لائيسنس جاري ڪيو جڏهن ته ايف ايم ريڊيو جو هڪ لائيسنس جاري ڪيو. 31 مارچ 2026ع تائين 2951 ڪيبل ٽي وي لائيسنس جاري ڪيا ويا، 28 لينڊنگ رائيٽس پرميشنز جاري ڪيون ويون، اهڙي طرح موبائيل ٽي وي جا ٽي، انٽرنيٽ پروٽوڪول ٽي وي جا 33، ڊي ٽي ايڇ جو هڪ، ٽيلي پورٽ (براڊ ڪاسٽ) جو هڪ لائيسنس جاري ڪيو ويو. پيمرا پاران جولاءِ 2025ع کان مارچ 2026ع تائين مجموعي طور تي 77 ڪيبل ٽي وي جا لائيسنس جاري ڪيا ويا جڏهن ته هڪ لينڊنگ رائيٽس پرميشن جو لائيسنس ڏنو ويو. اقتصادي سروي 26 – 2025ع موجب پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لميٽيڊ بطور قومي نشرياتي ادارو پنهنجون خدمتون جاري رکيون آهن جيڪو ملڪ جي ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي قدرن موجب تعليم، معلومات ۽ تفريحي مواد فراهم ڪري ٿو. ادارو قومي ۽ مذهبي تقريبن جي ڪوريج ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ انهن کي مناسب اهميت سان نشر ڪري ٿو جڏهن ته ان جا پروگرام، خاص طور تي ڊراما، معاشرتي قدرن جي عڪاسي سان گڏ معياري تفريح پڻ فراهم ڪن ٿا. پي ٽي وي راندين جي نشريات ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ قومي ۽ عالمي اهم ايونٽس جي ڪوريج پيش ڪري ٿو. اهو نيٽ ورڪ ڪيترن ئي چينلز تي ٻڌل آهي جن ۾ پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي بولان، اي جي ڪي ٽي وي ۽ پي ٽي وي پارليامينٽ شامل آهن جيڪي مختلف ناظرين جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. سڄي ملڪ ۾ ان جي زميني نشريات اٽڪل 100 سيڪڙو آبادي تائين پهچ رکي ٿي جڏهن ته ان جو عالمي نشرياتي نيٽ ورڪ پاڪستان جي موقف ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري ٿو. 30 جون 2025ع تائين ملڪ ۾ رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز جو انگ 2 ڪروڙ 64 لک 7 هزار 427 هو، مالي سال2026ع دوران حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاڪستان ٽيليويزن جي لاءِ 1.01 ارب رپيا رکيا ته جيئن نشرياتي ۽ ٽيلي ڪاسٽنگ اوزارن کي جديد گهرجن موجب اپ گريڊ ڪري سگهجي. ان قدم جو مقصد نشرياتي سگنل جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪنيڪي انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ آهي ته جيئن ادارو نشرياتي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهي. اقتصادي سروي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) قومي ريڊيو نشرياتي اداري جي طور تي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي جنهن جي ذميواري عوام کي معلومات، تعليم ۽ تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي سطح تي حڪومتي پاليسين ۽ قومي بيانيي جي موثر ترويج پڻ آهي. پنهنجي خبرن ۽ پروگرامن جي ذريعي پي بي سي عوامي شعور اجاگر ڪرڻ، غلط معلومات ۽ منفي ٻاهرئين بيانين جو موثر جواب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ڪري ٿي. ادارو اسلامي قدرن، قومي يڪجهتي، جمهوري اصولن، برداشت، برابري ۽ سماجي انصاف جي فروغ ۾ پڻ مدد فراهم ڪري ٿو. وڌيڪ اهو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن قومي ۽ علائقائي زبانن ۽ ثقافت جي فروغ ۽ تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ قومي اتحاد ۽ سماجي هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. مالي سال2026ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن جي پگهارن ۽ آپريشنل خرچن جي لاءِ 6.27 ارب رپيا رکيا ويا جن مان جولاءِ کان مارچ 2026ع دوران 4.63 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. جولاءِ کان مارچ 2026ع دوران ريڊيو پاڪستان قران پاڪ جي تلاوت، روزاني مذهبي پروگرامز، رمضان المبارڪ ۽ ربيع الاول جي خصوصي نشرياتن، اهم مذهبي تقريبن جي سڌوسنئون ڪوريج ۽ اسلامي تعيلم، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سماجي قدرن جي فروغ جي لاءِ خصوصي آگاهي پروگرامز نشر ڪيا. صدر ۽ وزيراعظم جي اهم عالمي دورن، عالمي فورمز ۽ دوست ملڪن سان سفارتي رابطن جي ڀرپور ڪوريج ڪئي وئي تهجيئن پرڏيهي پاليسي ۽ ٻطرفي تعاون بابت معلومات موثر انداز ۾ عوام تائين پهچائي سگهجي. مڪمل ٿيندڙ ميگا منصوبن جي افتتاحي تقريبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 20 هزار 250 کان وڌيڪ خصوصي پروگرامز نشر ڪيا ويا. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي تحفظ جي قدمن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي پروگرامز جي ڪوريج ۽ “سکي گهر” جا 234 خصوصي پروگرامز نشر ڪيا ويا جڏهن ته ورڪنگ وومين هاسٽلز ۽ ڊي ڪيئر سهولتن بابت آگاهي پڻ فراهم ڪئي وئي. نوجوانن جي ترقي جي لاءِ “اڏار پاڪستان” ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام بابت خصوصي پروگرامز، 11 هزار کان وڌيڪ نشريات ۽ آگاهي مهمون هلايون ويون ته جيئن تعليم، مهارت، روزگار ۽ اميد جوڳي موقعن کي فروغ ڏئي سگهجي. قومي سلامتي ۽ عوامي آگاهي بابت 33 هزار 750 کان وڌيڪ نشريات ۾ نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان 2021ع، غيرقانوني هجرت، انساني اسمگلنگ، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته منفي پروپئگنڊه ۽ غلط معلومات جو موثر جواب ڏنو ويو. وڻڪاري، بريسٽ ڪينسر، ڊينگي، پوليو، منشيات جي خاتمي، نمونيا، انساني اسمگلنگ، ٽريفڪ سيفٽي ۽ اسموگ جهڙن اهم عوامي ۽ ماحولياتي موضوعن تي خصوصي آگاهي مهمون هلايون ويون. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي، ڪشمير بليڪ ڊي، خودمختياري ڪشمير ڊي ۽ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي خصوصي نشريات نشر ڪيو ويون ته جيئن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. ريڊيو پاڪستان سوشل ميڊيا تي پنهنجي موجودگي کي نمايان طور تي وڌايو، سوشل ميڊيا سيل قائم ڪيو، 50 کان وڌيڪ اسٽيشنز جي انٽرنيٽ اسٽريمنگ، لائيو پروگرامز ۽ پوڊ ڪاسٽس جي ذريعي نوجوانن تائين پهچ بهتر بڻائي جنهن جي نتيجي ۾ فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب تي لکين ويوز ۽ انٽر ايڪشنز حاصل ٿيا جڏهن ته يوٽيوب سلور بٽن جهڙا اعزاز پڻ حاصل ڪيا ويا. مالي سال 2026ع دوران ريڊيو پاڪستان آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، اسٽيشنز جي ڪارڪردگي ماهوار بنيادن تي مانيٽر ڪئي وئي جڏهن ته جولاءِ کان مارچ مالي سال 2026ع دوران 4 ڪروڙ 43 لک رپين جي آمدني رڪارڊ ڪئي وئي. نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز ونگز حڪومتي قدمن، اقتصادي اڳڀرائي، اعلى سطحي سفارتي سرگرمين ۽ عالمي فورمز جي جامع ڪوريج فراهم ڪئي ته جيئن حڪومتي پاليسين جي موثر تشهير، عوامي آگاهي ۽ قومي موقف کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪري سگهجي.

مزید خبریں