سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪامياب سفارتڪاري سبب پاڪستان عالمي منظرنامي ۾ نمايان طور اُڀري سامهون آيو آهي: آمريڪي رسالي جي رپورٽ

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪامياب سفارتڪاري سبب پاڪستان عالمي منظرنامي ۾ نمايان طور اُڀري سامهون آيو آهي. ايران آمريڪا جنگبندي ۽ خطي جي ٻين اهم معاملن ۾ فعال ڪردار سبب پاڪستان معتبر طاقت طور اُڀري رهيو آهي. پاڪ- آمريڪا لاڳاپا نَون بلندين تي پهچي ويا، دنيا فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪامياب ڊپلوميسي جو اعتراف ڪري ٿي. آمريڪي رسالي فارن پاليسيءَ موجب …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) سول ۽ عسڪري قيادت جي ڪامياب سفارتڪاري سبب پاڪستان عالمي منظرنامي ۾ نمايان طور اُڀري سامهون آيو آهي. ايران آمريڪا جنگبندي ۽ خطي جي ٻين اهم معاملن ۾ فعال ڪردار سبب پاڪستان معتبر طاقت طور اُڀري رهيو آهي. پاڪ- آمريڪا لاڳاپا نَون بلندين تي پهچي ويا، دنيا فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪامياب ڊپلوميسي جو اعتراف ڪري ٿي. آمريڪي رسالي فارن پاليسيءَ موجب صرف ٻه سال اڳ تائين به آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار ناقابل تصور هو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا ۾ پاڪستان جي ساک مضبوط ۽ سفارتي حيثيت مؤثر بڻائي. سيد عاصم منير ٽرمپ سان رابطن ۽ ايران ٽياڪڙي سميت پاڪستان جي سفارتي حڪمت عملي جي مرڪزي ڪردار طور اُڀريو. آمريڪي رسالي موجب سيد عاصم منير پاڻ کي طاقت جي مرڪز طور مڃرايو آهي، ٽرمپ کيس ”منهنجو پسنديده فيلڊ مارشل“ قرار ڏنو، پاڪستاني قيادت پاڪ- ڀارت جنگبنديءَ ۾ اڳڀرائيءَ جو ڪريڊت ٽرمپ کي ڏئي سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪيو، ايران ۽ آمريڪا جنگبندي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ٽرمپ ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان رابطن تي ٻَڌل سفارتي مهم جي اڳواڻي ڪئي، پاڪستان ايران، آمريڪا، چين ۽ خطي جي وڏين طاقتن وچ ۾ پنهنجي جاگرافيائي حڪمت عمليءَ جي صلاحيت کي نمايان ڪيو آهي. ماهرن جي راءِ موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي فيصله سازي واضح ويزن ۽ مضبوط رُخ تي ٻفڌل آهي جنهن رياستي ترجيحن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بڻايوپ. عسڪري قيادت جي ان منظم حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي سفارتي پوزيشن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ عالمي سطح تي ان جو ڪردار وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي.

مزید خبریں