پاڪستان جي پهرين جينوم پاليسي ايندڙ سال متعارف ڪرائي ويندي، صحت جي وفاقي وزير جو اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورتي اجلاس کي خطاب

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) صحت جي وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي نئين طبي ٽيڪنالوجيز ۽ جديد تحقيقاتي رپورٽس کي ترجيح ڏيڻي پوندي ته جئين مستقبل جي صحت جي چيلينجز جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪري سگهجي. هن جينوم پاليسي جي حوالي سان پاڪستان جي قومي جينومڪ پاليسي تي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان 2023 تائين دنيا جي …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) صحت جي وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي نئين طبي ٽيڪنالوجيز ۽ جديد تحقيقاتي رپورٽس کي ترجيح ڏيڻي پوندي ته جئين مستقبل جي صحت جي چيلينجز جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪري سگهجي. هن جينوم پاليسي جي حوالي سان پاڪستان جي قومي جينومڪ پاليسي تي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان 2023 تائين دنيا جي ڇوٿين وڏي آبادي وارو ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ کي معاشي ڏکيائين ۽ بيمارين جي وڌنڌڙ بار جو مسئلو درپيش آهي. هن چيو ته ايترين وڏين بيمارين جي بار کي ڪو به ملڪ ڊگهي عرصي تائين برداشت نه ٿو ڪري سگهي. وفاقي وزير چيو ته مختلف بيمارين جي ڦهلجڻ جي حوالي سان صورتحال ڳڻتي جو ڳي آهي ۽ اسپتالن ۾ مريضن جو غير معمولي دٻاءُ موجود آهي. هن صحت جي شعبي کي قومي سلامتي جو مسئلو قرار ڏيندي چيو ته موجوده نظام بنيادي طور تي بيمارين جي علاج تي مشتمل آهي جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏنو وڃي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان کي روايتي هيلٿ ڪيئر ماڊل کان اڳيان وڌائيندي جينومڪ پروفائلنگ ۽ يونٽيو هيلٿ ڪيئر طرف وڃڻو پوندو. هن اعلان ڪيو ته حڪومت شادي کان اڳ ٿيليسميا جي اسڪريننگ کي لازمي قرار ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ان مقصد لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسڪريننگ سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته انهن مورثي ۽ روڪٿام جوڳين بيمارين تي سالياني 200 کان 300 ارب روپيا خرچ ٿين ٿا، جڏهن ته جديد جينومڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پاڪستاني شهري لکين روپيا خرچ ڪري ٻاهرين ملڪن سان رابطو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ان لاءِ ملڪ ۾ جديد جينومڪ ۽ سڃاڻپ ڪندڙ ليبارٽرين جي موجودگي پڻ ضروري آهي. هن ان ڳالهه ته زور ڀريو ته مقامي سطح تي جديد سڃاڻپ جي سهولتن جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي پهرين قومي جينوم پاليسي ايندڙ مهيني متعارف ڪرائي ويندي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورين چيلينجز باوجود حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ  هر ممڪن ڪوششون جاري رکندي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں