پي ايم ايل (ن) ۽ پي پي پي جي وفدن  ملاقات دوران  گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي بابت تجويزن تي غور

گلگت-11 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعلي سطحي وفد سان پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) جي اعلي سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ حڪومت سازي بابت  تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، پاڪستان مسلم ليگ (ن ) جي وفد ۾ وفاقي معاملن وارو وزير ڪشمير ، گلگت بلتستان سيفران انجينئر امير مقام ۽ صدر مسلم ليگ(ن) گلگت بلتستان حافظ الرحمان شامل هيا، …

گلگت-11 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعلي سطحي وفد سان پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) جي اعلي سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ حڪومت سازي بابت  تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، پاڪستان مسلم ليگ (ن ) جي وفد ۾ وفاقي معاملن وارو وزير ڪشمير ، گلگت بلتستان سيفران انجينئر امير مقام ۽ صدر مسلم ليگ(ن) گلگت بلتستان حافظ الرحمان شامل هيا، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سينئر رهنما قمر زمان ڪائره سينئر وزير سنڌ شرجيل انعام ميمڻ ، اڳوڻو چيئرمين سينٽ نيئر حسين بخاري ، صدر پيپلزپارٽي گلگت بلتستان امجد حسين ايڊوڪيٽ ۽ سنڌ جي بلديا جو وزيرسيد ناصر حسين شاهه شريڪ ٿيا. گلگت جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن  گلگت بلتستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪومت سازي جي مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ مشورن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي وفدن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته حڪومت سازي بابت تجويزن جو جائزو پنهنجي پنهنجي جماعتن جي گلگت بلتستان ۽ مرڪزي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.

مزید خبریں