سيد مصطفيٰ ڪمال سان هيلٿ ريسرچ ايڊوائزري بورڊ جي وفد جي ملاقات، صحت جي باري ۾ تحقيقي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ ٻين قدمن جو جائزو ورتو  ويو

اسلام آباد- 11 جون(اي پي پي) وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان هيلٿ ريسرچ ايڊوائزري بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي  جنهن ۾ هيلٿ ريسرچ ايڊوائزري بورڊ  جو جنرل سيڪريٽري ۽ فنانس سيڪريٽري پڻ شامل هو. ملاقات دوران ملڪ ۾ صحت بابت تحقيق جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ بيمارين  جي اثرائتي نگراني کي هٿي وٺائڻ ۽ قومي سطح تي صحت جي ڊيٽا جي اثرائتي استعمال بابت قدمن جو جائزو ورتو …

اسلام آباد- 11 جون(اي پي پي) وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان هيلٿ ريسرچ ايڊوائزري بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي  جنهن ۾ هيلٿ ريسرچ ايڊوائزري بورڊ  جو جنرل سيڪريٽري ۽ فنانس سيڪريٽري پڻ شامل هو. ملاقات دوران ملڪ ۾ صحت بابت تحقيق جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ بيمارين  جي اثرائتي نگراني کي هٿي وٺائڻ ۽ قومي سطح تي صحت جي ڊيٽا جي اثرائتي استعمال بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت قومي سطح تي انگن اکرن کي گڏ ڪري ثبوتن تي مشتمل پاليسي سازي کي مضبوط بڻائي رهي آهي، جڏهن ته بيمارين جي قومي رجسٽري جي نظام جي نگراني ۽ قومي سطح تي صحت جي ڊيٽا جي اثرائتي استعمال لاءِ نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته ڪميٽي جي قيام جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 15 رڪني نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ وفاقي ۽ صوبائي صحت جا عهديدار، صحت بابت ماهر، تحقيق ڪندڙ ۽ ترقياتي شراڪتدارن ادارن جا نمائندا ، سمورن صوبن جا ڊي جي هيلٿ ، اسلام آباد، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا صحت بابت نمائندا پڻ شامل هوندا.

مزید خبریں