اسلام آباد-11 جون (اي پي پي ) قومي اسمبلي پاڪستان ٽيلي مواصلات (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . خميس واري ڏينهن قومي اسمبلي ۾ وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالوجي ٽيلي مواصلات شزه فاطمه خواجه پاڪستان ٽيلي مواصلات تنظيم ايڪٽ1996ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي . ان جي منظوري کانپوءِ الگ لسٽ ۾ داخل …
قومي اسمبلي پاران پاڪستان ٽيلي مواصلات ( ترميمي ) بل 2025ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي ) قومي اسمبلي پاڪستان ٽيلي مواصلات (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . خميس واري ڏينهن قومي اسمبلي ۾ وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالوجي ٽيلي مواصلات شزه فاطمه خواجه پاڪستان ٽيلي مواصلات تنظيم ايڪٽ1996ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي . ان جي منظوري کانپوءِ الگ لسٽ ۾ داخل ترميم پيش ڪئي وئي. شزه فاطمه ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي جي رولز ۾ ترميم سان سيلريز جو مسئلو حل ٿيندو، رائيٽ آف وي جو معاملو به حل ٿيندو. اپيلٽ ٽربيونل ۾ ريٽائرمينٽ جي عمر 64 سال هئي ان کي ڪڍيو ويو، سيد نويد قمر بل کي ساراهيندي چيو ته آپٽيڪل فائبر گذار تي تڪرار جي حل لاءِ حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي ترميم وڌي آهي. وفاقي وزير ان جي ترميم جي مخالفت ناهي ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني آهي، شقوار منظوري کانپوءِ وفاقي وزير بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.











