اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي مخالف ڌر اڳواڻ اقبال آفريدي جي طرفان اسٽاف سان بدتميزي، ايوان جي ڪارروائي ۾ بار بار رخنو وجهڻ تي سندس ميمبرشپ بجيٽ اجلاس دوران معطل ڪرڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي ۾ ٻيو ڀيرو ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ ميمبرن چيو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جون روايتون ختم ڪيون ويون آهن، ميمبر تياري ڪري …
قومي اسيمبلي پاران مخالف ڌر اڳواڻ اقبال آفريدي جي ميمبرشپ بجيٽ اجلاس دوران معطل ڪرڻ جي رٿ منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي مخالف ڌر اڳواڻ اقبال آفريدي جي طرفان اسٽاف سان بدتميزي، ايوان جي ڪارروائي ۾ بار بار رخنو وجهڻ تي سندس ميمبرشپ بجيٽ اجلاس دوران معطل ڪرڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي ۾ ٻيو ڀيرو ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ ميمبرن چيو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جون روايتون ختم ڪيون ويون آهن، ميمبر تياري ڪري ايندا آهن، هي هتي بار بار خلل وجهندا آهن، هن ٻڌايو ته بجيٽ اجلاس ۾ بجيٽ تي 40 ڪلاڪ بحث ٿيندو. جنهن پارٽي جو ميمبر ڪورم جي نشاندهي ڪندو ان جو وقت ڪٽيو ويندو. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اقبال آفريدي جي پٽ سبب پاڪستان جي بدنامي ٿي، سندس پٽ بليو پاسپورٽ ٺهرائي اٽلي وجهي سياسي پناهه ورتي آهي ۽ پاڪستان جو پاسپورٽ سرينڊر ڪيو. هن چيو ته ايم اين اي مراعتن جو غلط استعمال ڪيو ويو، ان جو نوٽيس وٺو، هي پاڪستان جي بدنامي نه پر ميمبرن جي بدنامي جو سبب بڻيو. اسپيڪر چيو ته اقبال آفريدي سندس اسٽاف تي هٿ کنيو، مون معذرت ڪئي، ان جي ڪري ميمبرن جي بدنامي ٿي آهي.فرح ناز اڪبر رٿ پيش ڪئي ته هن ڪيترن ئي موقعن تي اسٽاف ۽ ٻين سان غلط رويو استعمال ڪيو، هن جي خلاف رولز موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس ميمبرشپ هلندڙ سيشن دوران معطل ڪئي وڃي. اسپيڪر چيو ته منهنجي اسٽاف تي ٽي ڀيرا حملو ڪيو، سرينا تي بيٺل سپاهي سان بدتميزي ڪئي، هي ايم اين اي هجڻ جو غلط فائدو کڻي رهيو آهي، هن رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.









