اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن تبديلي( تنسيخي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيد نويد قمر چيو ته پي آءِ اي جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، انتظاميا جي تبديلي ڪڏهن ٿيندي. نجڪاري جي ايڊوائزر محمد علي ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ 20 سالن کان ڪوششون ٿيون ان اداري کي 500 ارب جو نقصان ٿيو. هن ٻڌايو …
قومي اسيمبلي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن تبديلي( تنسيخي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن تبديلي( تنسيخي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيد نويد قمر چيو ته پي آءِ اي جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، انتظاميا جي تبديلي ڪڏهن ٿيندي. نجڪاري جي ايڊوائزر محمد علي ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ 20 سالن کان ڪوششون ٿيون ان اداري کي 500 ارب جو نقصان ٿيو. هن ٻڌايو ته گذريل سال ڊسمبر ۾ ان جي نجڪاري ٿي. ان بل جي منظوري کان پوءِ اسان ان جي مينجمينٽ ڪمپني جي حوالي ڪنداسين. هن ٻڌايو ته نجڪاري ۾ عارف حبيب جا شيئر 34 سيڪڙو، فوجي فرٽيلائزر جا 33 سيڪڙو ۽ ٻين ڪمپنين جا 32 سيڪڙو شيئر آهن. هن چيو ته نئين مينجمينٽ هڪ سال ۾ 180 ارب رپيا جي سيڙپڪاري ڪندي جنهن مان 125 پي آءِ اي جي بحالي لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ 55 ارب روپيا حڪومت کي ملندا. پي آءِ اي جي 100 سيڪڙو شيئر جي نجڪاري ٿي رهي آهي. هن ٻڌايو ته پي آءِ اي هيڊ ڪوارٽر نئين انتظاميا جتي چاهيندي رکي سگهندي. ان ۾ حڪومت جو ڪو به عمل دخل نه هوندو. هن ٻڌايو ته 12 مهينن تائين سمورن ملازمن جي ملازمت کي تحفظ حاصل هوندو. ريٽائر ملازمن کي پينشن پڻ ماضي وانگر ملندي رهندي. ان جي نجڪاري ۾ ملازمن جي ملازمت کي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ اسپيڪر ايوان مان تحريڪ منظوري ورتي جنهن کان پوءِ شق وار منظوري ورتي وئي. دفاع واري وزير بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏني.









