گرين جرنلزم ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي، موسمياتي تبديلي کي سوشل ميڊيا تي وائرل مواد وانگر مقبول ٿيڻ گهرجي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گرين جرنلزم کي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي کي سوشل ميڊيا تي وائرل مواد وانگر مقبول ٿيڻ گهرجي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو هڪ سيڪڙو آهي، هاڻي وقت اچي ويو …

اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گرين جرنلزم کي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي کي سوشل ميڊيا تي وائرل مواد وانگر مقبول ٿيڻ گهرجي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو هڪ سيڪڙو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته موسمياتي تبديلي سان گڏوگڏ ماحولياتي انصاف به ڳالهه ڪئي وڃي، پاڪستان تازن سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کي منهن ڏئي چڪو آهي، موسمياتي تبديلي جا اثر هر شعبي کي متاثر ڪري رهيا آهن، اسان جي مذهب اسلام ۾ به ماحولياتي جي تحفظ تي زور ۽ وڻ لڳائڻ کي صدقه جاريه قرار ڏنو ويو آهي، ماحولياتي تحفظ اسان جي اخلاقي يا قومي ذميواري ئي نه آهي پر مذهبي فرض پڻ آهي، ان ڏس ۾ اسان کي ايڪو سسٽم بدلائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان تحفظ جي لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي – ڪامسيٽڪ ۽ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ هڪ ڏينهن واري “گرين جرنلزم” عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري، وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد خورشيد، فلسطين جي ڪميونيڪيشن بابت نائب وزير هدى الواحدي سميت شاگرد ۽ شاگردياڻيون ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامسٽيڪ سميت ٻين منتظمين کي ان شاندار ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته هن ڪانفرنس جي ذريعي نه رڳو موسمياتي تبديلي بابت آگاهي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي پر گرين جرنلزم جي فروغ ۽ ان اهم موضوع تي شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم پڻ کنيا ويا آهن. هن چيو ته آگاهي کانسواءِ موسمياتي تبديلي جهڙن سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ ممڪن نه آهي، اسان نه گهربل معيار حاصل ڪري سگهون ٿا نه احتياطي قدم کڻي سگهون ٿا ۽ نه ئي اهڙو سازگار ماحول جوڙي سگهون ٿا جيڪو موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي نه رڳو اسان جي دور جو وڏو خطرو آهي پر اهو پوري انسانيت جي لاءِ سنگين چئلينج بڻجي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) 2030ع کان 2050ع جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري هر سال 2 لک 50 هزار فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته موسمياتي تبديلي سان گڏوگڏ ماحولياتي انصاف تي به ڳالهه ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي ملڪ جيڪي فوسل فيول جي وڌيڪ استعمال ۽ ڪاربن اخراج ۾ وڌيڪ حصيدار آهن، انهن تي انهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي جن جو ان ۾ حصو انتهائي گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان تازن سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کي منهن ڏنو، 2022ع جي ٻوڏ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي، بونير کان سوات تائين وسيع پئماني تي نقصان پهتو، اهڙي طرح پنجاب ۽ سنڌ ۾ به شديد ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي ٿي. هن چيو ته 2010ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ ايندڙ شديد ٻوڏ کي به وساري نٿو سگهجي. هر ڪجهه سالن کانپوءِ قيمتي جانين ۽ روزگار جو نقصان ٿئي ٿو ۽ عوام کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيو ته انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي جا ڪيترائي رخ آهن. هن گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان فريم ورڪ جي ڪيوٽر پروٽوڪول ۾ موجود آرٽيڪل 6 تحت ميمبر ملڪن تي لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته اهي نه رڳو آگاهي کي فروغ ڏين پر موسمياتي تبديلي کي پنهنجي نصاب جو به حصو بڻائين. هن چيو ته اها آگاهي قومي، علائقائي ۽ هيٺئين سطح تي فروغ ڏيڻ گهرجي ڇو ته آگاهي جي لاءِ هڪ ئي طرزعمل سمورين حالتن تي لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي، ان جون مختلف شڪليون آهن. هن چيو ته اٽڪل 1400 سال اڳ دين اسلام به ماحولياتي تحفظ ۽ ذميواري تي خاص طور تي زور ڏنو جڏهن اهو مسئلو ايترو نمايان نه هو. هن چيو ته دين اسلام ۾ وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. وڻڪاري ۽ ڀلائي جي ڪم کي ڪنهن به حالت ۾ ملتوي نه ڪرڻ گهرجي. اها آگاهي جي اها بلند ترين سطح آهي جنهن جو تصور ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته مسلمان ان عقيدي تي يقين رکن ٿا ته جنهن هڪ انسان جي جان بچائي ان پوري انسانيت کي بچايو. ان ڏس ۾ 1400 سال اڳ ڏني ويندڙ اها سموري تعليم اڄ به اهڙي طرح اهم ۽ لاڳاپيل آهي ۽ انهن پيغامن کي دنيا ۽ پنهنجي عوام تائين پهچائڻ ضروري آهي ته جيئن ان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ذميواري جو احساس پيدا ٿئي. هن چيو ته ٻيلن جي واڍيءَ، گليشيئرز جو وگهرڻ، سمنڊ جي سطح ۾ اضافو، شديد گرمي ۽ سرديءَ ۽ غيرمعمولي موسمي حالتون انساني زندگي تي تباهي آڻيندڙ اثر وجهي رهيا آهن ۽ مختلف بيمارين ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته دريائن جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خطرن ۾ ورتل آهن، ان جي لاءِ اسان جي ذميواري آهي ته اسان هي پيغام عام ڪريون ته هر شهري ڀلي اهو نوجوان هجي يا بزرگ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان آگاهي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اها رڳو قومي يا اخلاقي ذميواري نه آهي پر مذهبي ذميواري به آهي. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان سوشل ميڊيا تي تڪراري مواد وڌيڪ ڌيان حاصل ڪري ٿو، جيترو وڌيڪ تڪراري مواد هوندو آهي ايترو ئي وڌيڪ ان جي پهچ ۽ اثر وڌي ٿو. ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي وڏين گاڏين ۽ نمائشي طرز زندگي کي وڌيڪ فروغ ملي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اصل ۾ هن ملڪ ۾ هڪ تهذيبي ۽ ثقافتي تبديلي جي گهرج ڪري ٿي، اسان کي پوري ماحول ۽ روين کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته موسمياتي تبديلي سوشل ميڊيا تي ٽريڊنگ ۽ مرڪزي موضوع بڻجي وڃي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ حقيقي خطرو آهي، ان کي هڪ سنجيده مسئلي جي طور تي پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن ۽ ٻيا مين اسٽريم اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارا ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٽي وي چينلز تي ان اهم موضوع جي لاءِ مخصوص وقت مقرر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان قدم سان عوامي آگاهي ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ، ايڪس، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ لنڪڊ اِن به ان حوالي سان مخصوص مواد ۽ مهمن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا ته جيئن موسمياتي تبديلي بابت پيغام وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچي سگهي. هن چيو ته “گرين جرنلزم” جي عنوان سان هڪ موثر مهم جي ذريعي مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽين جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي کي نه رڳو يونيورسٽي سطح تي پر شروعاتي تعليم جي نصاب ۾ به شامل ڪرڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته هڪ فوڪل پرسن نامزد ڪري گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو وڃي جيڪو مختلف ڌرين جي نشاندهي ۽ انهن جي ڪردار جو تعين ڪري. ان گروپ جي ذريعي عملي قدمن، ذميوارين ۽ ٽائيم لائينز کي واضح ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ميڊيا شخصيتن، عوامي راءِ سازن ۽ انفلوئنسرز کي به ان مهم ۾ شامل ڪيو وڃي ڇو ته عوام انهن جي ڳالهه ٻڌي ٿي ۽ اهي معاشرتي روين جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن خاطري ڪرائي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان نيڪ مقصد جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي ۽ گرين جرنلزم جي فروغ جي لاءِ پيغام پهچائڻ کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو.