نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڳالهه ٻولهه، صبر ۽ بُردباري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته سڀني ڌرين جي وچ ۾ جلد مفاهمت …

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڳالهه ٻولهه، صبر ۽ بُردباري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته سڀني ڌرين جي وچ ۾ جلد مفاهمت پيدا ٿيندي، جيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان-ترڪيه ڀائيواري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں