نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس موجب، مصري پرڏيهي وزير پاڪستان جي جاري ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن اميد …

اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس موجب، مصري پرڏيهي وزير پاڪستان جي جاري ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ڪوششون ڌرين جي وچ ۾ جلد مفاهمت جو سبب بڻجنديون، جيڪي خطي ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديُون. مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي نائب وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ مصر ۾ منعقد ٿيندڙ علائقائي فورم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں