اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اقتصادي ترقي کي قومي ايمرجنسي طور وٺڻو پوندو، پائيدار ترقي کانسواءِ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ممڪن ناهي. قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۽ ترقياتي حڪمت عمليءَ تي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته انساني وسيلن جي ترقي پاڪستان جي قومي ترقيءَ جو سڀ کان …
اقتصادي ترقي کي قومي ايمرجنسي طور وٺڻو پوندو، پائيدار ترقي کانسواءِ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ممڪن ناهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اقتصادي ترقي کي قومي ايمرجنسي طور وٺڻو پوندو، پائيدار ترقي کانسواءِ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ممڪن ناهي. قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۽ ترقياتي حڪمت عمليءَ تي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته انساني وسيلن جي ترقي پاڪستان جي قومي ترقيءَ جو سڀ کان ڪمزور عنصر آهي، جنهن کي مضبوط بنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سندس موجب اُڏام پاڪستان پروگرام تحت 11 قومي اقتصادي مشنز ملڪ جي ترقيءَ جو مرڪزي فريم ورڪ هوندا ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ سڄي حڪومتي نظام کي متحرڪ ڪيو ويندو. هن ٻُڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي نگرانيءَ ۾ رٿابندي واري وزارت انهن 11 قومي مشنز لاءِ جامع روڊ ميپس ۽ عملدرآمد منصوبا تيار ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم جي منظوريءَ سان خاص ٽيمون جوڙيون وينديون جيڪي مختلف شعبن ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي لائحه عمل جوڙينديون. هن چيو ته ايڪسپورٽ مشن ذريعي روانگي واپار ۾ تيز رفتار واڌ قومي ترجيح هوندو، جڏهن ته وسيلن جي بهتر فراهمي ۽ ٽيڪس سڌارن ذريعي مالياتي نظام کي مضبوط بڻايو ويندو. پروڊيوس ان پاڪستان مشن تحت صنعتي پيداوار ۽ مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏني ويندي ۽ ايگريڪلچر ويليو چين مشن زرعي شعبي جي پيداواري صلاحيت ۽ روانگي واپار ۾ واڌ تي ڌيان ڏيندي. هن چيو ته توانائي، پاڻي ۽ ماحولياتي لچڪ جي مشن ذريعي موسمياتي ۽ وسيلن جي چئلينجز جو مربوط حل تلاش ڪيو ويندو جڏهن ته اِي پاڪستان ۽ اي آءِ مشن ذريعي ڊجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ کي تيز ڪيو ويندو. احسن اقبال خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اڄ ضروري سڌارا نه ڪيا ويا ته مستقبل جو معاشي بحران پهرين کان ڪيترائي ڀيرا سنگين ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪي اقتصادي بنيادون اڃا مڪمل طور تي مضبوط ناهن ٿيون. هن چيو ته 2.55 سيڪڙو آبادياتي اؤسر شرح سان پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ آباديءَ ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن صوبن جي حوصله افزائي لاءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڌارن تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن وڏن وزيرن ڪائونسل جي فعال، مؤثر ۽ مضبوط ڪردار جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏيل طور تي ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير موجب قومي اقتصادي ڪائونسل انساني ترقيءَ کي قومي ترقياتي منصوبا بندي جو مرڪزي ٿنڀ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ترقياتي فنڊز کي قومي ترجيحن موجب استعمال ڪرڻ ۽ غير ضروري منصوبن جي حوصله شڪني جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.










