اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ روسي فيڊريشن سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، پاڪستان روس کي هڪ عالمي طاقت ۽ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روسي فيڊريشن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد …
خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ روسي فيڊريشن سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ روسي فيڊريشن سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، پاڪستان روس کي هڪ عالمي طاقت ۽ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روسي فيڊريشن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سرڪاري عملدارن، غيرملڪي سفيرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اڄ روسي فيڊريشن جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، هي تقريب روس جي قومي خودمختياري، ان جي شاندار تاريخ ۽ ان جي عوام جي عزم ۽ حوصلي جي عڪاس آهي. هن پاڪستان حڪومت، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران روسي فيڊريشن جي صدر ولاديمير پيوٽن، روس جي سفير البرٽ خوريف ۽ روسي عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته کيس 2011ع ۾ پنهنجي روسي جي دوري جون خوشگوار يادون اڄ به ياد آهن. صدر چيو ته آئون صدر پيوٽن جي ان اهم ڪردار جو اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏني. هن چيو ته سالن دوران پاڪستان ۽ روس گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪم ڪيو آهي، انهن لاڳاپن جي بنياد کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بصيرت ۽ مدبراڻي قيادت پڻ مضبوط ڪيو جنهن اڳوڻي سوويت يونين سان پاڪستان جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان ورثي کي بعد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو جيڪا پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، ان جي قيادت عالمي تبديلين جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي نئين سگهه ڏني ۽ تعاون کي سگهه بخشي. صدر چيو ته بعد ۾ منهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري جيڪو پاڪستان جو گهٽ عمر وارو پرڏيهي وزير رهيو، فعال سفارتي رابطن جي ذريعي ان روايت کي جاري رکيو. هن چيو ته اسان جي وزيرن ۽ اعلى عملدارن جي وچ ۾ باقاعده رابطا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، جيئن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف هلندڙ سال چيو هو ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ مثبت سطح تي آهن. صدر چيو ته پاڪستان روس کي هڪ عالمي طاقت ۽ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اسان خودمختيار برابري، ڳالهه ٻولهه ۽ گلوبل سائوٿ جي مضبوط آواز جي گڏيل نظريي تي يقين رکون ٿا، اهو ئي اصول گهڻ رخي فورمز ۾ اسان جي تعاون جي رهنمائي ڪري ٿو. هن چيو ته توانائي، صنعت، زراعت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ اسان جو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. صدر چيو ته اڄ اٽڪل 1300 پاڪستاني شاگرد روس ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جن مان ڪيترائي روسي وظيفن تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهي شاگرد اسان جي معاشرن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي ذريعي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان – روس لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون. صدر ان موقعي تي پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان ان اهم حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين ته جيئن اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ملي سگهي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته روسي فيڊريشن وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مستحڪم ٿئي. تقريب کي خطاب ڪندي روسي فيڊريشن جي سفير البرٽ خوريف پاڪستان آرمي جي ايم 17 هيليڪاپٽر حادثي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن روس جي قومي ڏينهن جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته هي ڏينهن روسي قوم جي عزم، ويزن ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته روسي صدر سال 2026ع کي روسي عوام جي اتحاد جو سال قرار ڏنو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته روس جي طاقت گهڻ رخي تعاون ۽ حصيداري ۾ آهي. هن روس – يوڪرين جنگ جي حوالي سان پاڪستان جي متوازن ۽ غيرجانبدار موقف کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري رابطن کي عوامي سطح تي لاڳاپن جي فروغ جي ذريعي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ گهرجي. سفير پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوط، خوشحال ۽ ڪارائتي هجڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ان کان اڳ تقريب جي شروعات روس ۽ پاڪستان جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي. تقريب ۾ روسي ثقافتي شو پڻ پيش ڪيو ويو.










