حڪومت موجوده بحران واري صورتحال ۾ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثرن لاءِ اثرائتا قدم کنيا آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت موجوده بحران واري صورتحال ۾ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثرن لاءِ اثرائتا قدم کنيا، ڏُکئي معاشي صورتحال باوجود موٽر سائيڪل، ٽرانسپورٽ، گڊز ۽ زرعي شعبي کي پيٽرول جي قيمتن تي ٽارگٽڊ سبسڊي ڏني وئي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز طرفان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي واڌ ۽ ان سان …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت موجوده بحران واري صورتحال ۾ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ اثرن لاءِ اثرائتا قدم کنيا، ڏُکئي معاشي صورتحال باوجود موٽر سائيڪل، ٽرانسپورٽ، گڊز ۽ زرعي شعبي کي پيٽرول جي قيمتن تي ٽارگٽڊ سبسڊي ڏني وئي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز طرفان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي واڌ ۽ ان سان صنعتي پيداواري لاڳت ۽ قومي معيشت تي اثرن بابت ڌيان ڇڪرايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف سيد عاصم منير جون سڄي دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون آهن، وچ اوڀر جو تڪرار ٽي مهينا اڳ شروع ٿيو. هن چيو ته حڪومت ان بحران جي عوام تي گهٽ کان گهٽ اثرن لاءِ قدم کنيا آهن، پهرين ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، سڀني کي سبسڊي ڏيڻ تي تنقيد ڪئي وئي، مسئلن باوجود اسان سبسڊي ڏني، ان کان پوءِ ٽارگٽڊ سبسڊي ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو ته جيئن غريب عوام کي سهولت ملي سگهي. ٽرانسپورت، موٽر سائيڪل سوارن، آبادگارن ۽ گڊز کي سهولتون ڏنيون ويون، پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏني وئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سمورن صوبن سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي ڀرپور حصو ورتو، صوبن جي ذميداري هئي ته سبسڊيءَ ۾ شفافيت برقرار رهي ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا نه وڌن، شفاف انداز ۾ اها سبسڊي ڏني وئي. هن چيو ته موٽر سائيڪل لاءِ 15.4 ارب رپين جي پيٽرول تي سبسڊي ڏني وئي، ان ئي وانگر زرعي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ سبسڊي ڏني وئي، جيڪڏهن اهو تڪرار فوري ختم به ٿي وڃي ته ان جا اثر پوءِ به برقرار رهندا. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جي عوام تي گهٽ کان گهٽ اثرن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

مزید خبریں