اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته يو اي اي ۾ ايران آمريڪا جنگ دوران اُتان جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3500 پاڪستانين کي وطن واپس اُماڻيو ويو آهي، سندن جائداد به وارثن حوالي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ان ۾ ڪا دشواري آهي ته اگاهه ڪن. پرڏيهي وزارت ان ۾ معاونت ڪندي. قومي اسيمبليءَ ۾ …
يو اي اي ۾ ايران آمريڪا جنگ دوران اُتان جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3500 پاڪستانين کي وطن واپس اُماڻيو ويو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته يو اي اي ۾ ايران آمريڪا جنگ دوران اُتان جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3500 پاڪستانين کي وطن واپس اُماڻيو ويو آهي، سندن جائداد به وارثن حوالي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ان ۾ ڪا دشواري آهي ته اگاهه ڪن. پرڏيهي وزارت ان ۾ معاونت ڪندي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران ثمينه خالد گهُرڪي جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي ٻُڌايو ته ٽن ملڪن ۾ قيدين جي حوالي سان سوال هو، ان ۾ اسپين، پرتگال ۽ برطانيه ۾ موت جي سزا جو ڪو قيدي ناهي، انهن ملڪن ۾ موت جي سزا ختم آهي، انهن ملڪن ۾ قيد پاڪستانين جي معاونت لاءِ سفارتخاني ۾ هڪ سيڪشن قائم آهي، جيڪي جيل وڃي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي مسئلن جو حل ڪڍڻ ۾ معاونت ڏين ٿا، جيڪي قيدي وڪيل نٿا ڪرائي سگهن انهن کي قانوني معاونت فراهم ڪئي وڃي ٿي، قيدين جي هر امڪاني مدد فراهم ڪريون ٿا. هن ٻُڌايو ته برطانيه سان قيدين جي مٽاسٽا جي معاهدي تحت 2024ع ۽ 2025ع ۾ 9 قيدين کي وطن آندو ويو آهي. عبدالقادر پٽيل جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته هڪ سنگين مسئلو آهي، صومالي ڌاڙيلن جو اهو طريقو رهيو آهي ته هو واپاري جهازن کي يرغمال بڻائين ٿا، پهرين به اهڙا واقعا ٿيا آهن، اُتي ڦاٿل پاڪستانين کي ڇڏرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڻ ان جي نگراني ڪري رهيو آهي. اسپيڪر هدايت ڪئي ته ان معاملي کي خاص طور تي ڏٺو وڃي. شهريار آفريدي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته غير قانوني ٻاهر ويندڙن کي ڊاڪيومينٽيشن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو، پاڪستان جي مختلف ايئرپورٽ تي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن کي به روڪيو وڃي ٿو، ليبيا، نار ملڪن کان بنا دستاويزن جي يورپي ملڪن ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهڙن واقعن ۾ قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿيو. ان تي وزيراعظم جي هدايت تي ڪارراوئي ڪندي 100 ايف آءِ اي اهلڪار نوڪريءَ مان ڪڍيا ويا، هاڻ مسافرن جي باقائده جاچ ڪئي وڃي ٿي ته جيئن پاڪستان جي پرڏيهه ۾ بي عزتي ۽ جاني نقصان نه ٿئي. هن ٻُڌايو ته يو اي اي سوشل ميڊيا تي پوسٽن تي نظم و نسق ڪارروائي ڪئي آهي. يو اي اي 3500 پاڪستانين کي واپس وطن اُماڻيو ويو، اهڙي پاليسي ناهي ته سندن ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، سندن جائداد سندن وارثن حوالي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته آگاهه ڪري. پرڏيهي وزارت مڪمل معاونت ڪندي. علي محمد خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته مردان جي هڪ رهائشيءَ کي اٽلي ۾ گاڏيءَ ۾ ساڙيو ويو، ان ٻار جي ميت کي پاڪستان آندو ويو، اهي غريب ماڻهو آهن انهن جي مالي معاونت ڪئي وڃي. وفاقي وزير عون چوڌري چيو ته هن وارثن سان ملاقات ڪئي، ڪيس ايم ڊي کي اُماڻيو ويو، ان پاڪستانيءَ سان اُتي ظالماڻو سلوڪ ٿيو آهي، ان جي وارثن جا ٽئي مطالبا پورا ڪنداسين، سفارتخاني کي به ضروري هدايت ڪئي وئي آهي. طارق فضل چوڌري ٻُڌايو ته يو اي اي ۾ پاڪستانين خلاف خاص طور تي ڪا ڪارروائي ناهي ٿي رهي، اُتان جي حڪومت سڀني سان نظم و نسق موجب ڪارروائي ڪري رهي آهي. عون چوڌري چيو ته جن ماڻهن کي واپس اُماڻيو ويو آهي انهن جو انگ گهٽ آهي.










