اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان جو اقتصادي سروي سال 26-2025ع جيڪو وفاقي بجيٽ کان اڳ معيشت جي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪندڙ اهم دستاويز آهي، اڄ خميس تي منجهند جاري ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اقتصادي سروي 26-2025ع کي باضابطا جاري ڪندو. اقتصادي سروي وفاقي بجيٽ کان اڳ هڪ اهم دستاويز طور پيش ڪيو …
اقتصادي سروي 26-2025ع اڄ (خميس تي) پيش ڪيو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان جو اقتصادي سروي سال 26-2025ع جيڪو وفاقي بجيٽ کان اڳ معيشت جي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪندڙ اهم دستاويز آهي، اڄ خميس تي منجهند جاري ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اقتصادي سروي 26-2025ع کي باضابطا جاري ڪندو. اقتصادي سروي وفاقي بجيٽ کان اڳ هڪ اهم دستاويز طور پيش ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ گذريل مالي سال دوران ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو شامل هوندو آهي. سروي ۾ زراعت، صنعت، مينوفيڪچرنگ، خدمتن، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، سيڙپڪاري ۽ ڪيپيل مارڪيٽ، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن جي ڪارڪردگي،ڪاميابين ۽ درپيش چئلينجز جو احاطو ڪيو ويندو. ان کان علاوه سماجي تحفظ جي پروگرامن، ماحولياتي پائيداري ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي بابت اڳڀرائي به سروي جو حصو هوندي. دستاويز ۾ مهانگائي، واپار، ادائيگين ۾ توازن، سرڪاري قرضن، آبادي ۾ اضافي، روزگار جي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن سميت اهم معاشي اهڃاڻن جا انگ اکر به پيش ڪيا ويندا. اقتصادي سروي جو مقصد معيشت جي مجموعي تصوير پيش ڪندي عوامي بحث ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ معاونت فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن نئين مالي سال لاءِ اثرائتي منصوبابندي ڪري سگهجي. امڪان آهي ته اهو سروي ايندڙ وفاقي بجيٽ جو بنياد فراهم ڪندو ۽ مالياتي استحڪام، معاشي استحڪام ۽ جامع ترقي جي حڪومتي حدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.











