اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي قومي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 3669 ارب رپيا، وفاقي پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 2218 ارب رپيا ۽ ايس او ايز جي لاءِ 451 ارب رپيا رکڻ ۽ اڏار پاڪستان تحت قومي اقتصادي ترقي جي 11 مشنز جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن …
قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي سمورن نقطن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، قومي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 3669 ارب رپيا، پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب رپيا، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 2218 ارب رپيا ۽ ايس او ايز جي لاءِ 451 ارب رپيا مختص

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي قومي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 3669 ارب رپيا، وفاقي پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 2218 ارب رپيا ۽ ايس او ايز جي لاءِ 451 ارب رپيا رکڻ ۽ اڏار پاڪستان تحت قومي اقتصادي ترقي جي 11 مشنز جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي سمورن نقطن جي اتفاق راءِ سان منظوري تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ سان فيڊريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي، اتفاق ۽ اتحاد جو جذبو پاڪستان جي روشن مستقبل جو ضامن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم مشڪل معاشي حالتن ۾ وفاقي حڪومت سان مثالي تعاون تي چئني وڏن وزيرن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته وفاقي اڪائين جي وچ ۾ انهي يڪجهتي ۽ تعاون جي جذبي سان ملڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششن تي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن نار ۾ تازي ڇڪتاڻ سان عالمي معيشت ۾ منفي اثرن جي باوجود پاڪستاني معيشت کي مستحڪم رکڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ سفارتي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته وڌندڙ آبادي ملڪ کي درپيش وڏن چئلينجز مان آهي. هن چيو ته بهترين صحت جي نظام جي ذريعي بيمارين جي وڌندڙ بار ۾ گهٽتائي، ٻارن جي صحت خاص طور تي اسٽنٽنگ جو خاتمو، اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي فراهمي ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ قومي ترجيحون آهن. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي حڪمت عملي تي قائم آهي، روانگي واپار تي ٻڌل معيشت ترقي جي لاءِ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي منصوبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ترقياتي منصوبن کي قومي ترجيحن ۽ پائيدار معاشي هدفن موجب جوڙيو وڃي. هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن سان پاڪستان کي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي پاڻڀرائپ جي منزل تائين پهچائينداسين. اجلاس ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي 4 نقاطي ايجنڊا جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. اجلاس کي مالي سال 26 – 2025ع جي لاءِ معيشت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان نظرثاني ٿيل انگ اکر پيش ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 26 – 2025ع ۾ وفاقي پي ايس ڊي پي تي 820 ارب، صوبن جي سالياني ترقياتي منصوبن تي 2938 ارب ۽ ايس او ايز پروگرام تي 355 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. اجلاس مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ قومي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ 3669 ارب رپيا رکڻ جي پڻ منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل وفاقي پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار ارب، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 2218 ارب رپيا ۽ ايس او ايز جي لاءِ 451 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل 26 – 2025ع جي لاءِ مجموعي قومي پيداوار جي 3.7 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ 4 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل لاڳاپيل وزارتن، صوبن ۽ سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل سالياني پلان 2027 – 2026ع جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وزارت سان گڏجي ڪم ڪن. اجلاس کي اپريل 2025ع کان مارچ 2026ع تائين سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنڪ جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران سي ڊي ڊبليو پي 216 ارب رپين جي 116 اسڪيمن جڏهن ته ايڪنڪ 5.117 کرب رپين جي 72 اسڪيمن جي منظوري ڏني. اجلاس کي 26 – 2025ع جي ميگا منصوبن جي نگراني ۽ جائزي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جائزي ۽ نگراني جي نئين پاليسي پڻ جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ترقياتي منصوبن جي اي آءِ جي ذريعي پڻ جاچ جو پائليٽ منصوبو شامل آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل اڏار پاڪستان تحت قومي اقتصادي ترقي جي 11 مشنز جي منظوري ڏني. منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت کي انهن مشنز جي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي سمورن نقطن جي اتفاق راءِ سان منظوري تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته قومي معاملن تي اهڙي طرح اتفاق راءِ سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو اهو ئي جذبو پاڪستان جي روشن مستقبل جو ضامن آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمد سهيل آفريدي، بلوچستان جو وڏو وزير نواب سرفراز بگٽي، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جا ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا.











