اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ - 17 هيلي ڪاپٽر حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ حادثي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا هيروز آهن، شهيدن …
وفاقي وزير سردار اويس احمد خان جو ايم آءِ – 17 هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ – 17 هيلي ڪاپٽر حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ حادثي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا هيروز آهن، شهيدن جو قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن افسوسناڪ حادثي تي شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا بلند درجا عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.











