اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مري ايڪسپريس وي تي سياحن جي گاڏيءَ کي پيش آيل باهه جي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مري ايڪسپريس وي تي پيش آيل حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران مري ايڪسپريس وي تي سياحن جي گاڏيءَ کي پيش آيل باهه جي واقعي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق مري ايڪسپريس وي تي سياحن جي گاڏيءَ کي پيش آيل باهه جي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مري ايڪسپريس وي تي پيش آيل حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. اسپيڪر فوت ٿيلن جي بخشش ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهميءَ جي هدايت ڪئي.











