اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سان آمريڪي سفارتخاني جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ٽيري اسٽيئرز گونز اليز ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ - آمريڪا ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي نمائندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ايران …
رانا ثناءُ الله سان آمريڪي سفارتخاني جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار جي ملاقات
اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سان آمريڪي سفارتخاني جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ٽيري اسٽيئرز گونز اليز ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ – آمريڪا ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي نمائندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تحسين جوڳيون آهن. سندس چوڻ هو ته علائقائي امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم ۽ قدر جوڳو آهي. ان موقعي تي رانا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان هميشه مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏني آهي، پاڪ- آمريڪا لاڳاپن جي استحڪام سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي هٿي ملندي. وزيراعظم جي صلاحڪار پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار جاري رکندو. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري خطي جي روشن ۽ پُرامن مستقبل جي ضمانت آهي.












