قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو مظفر آباد ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مظفرآباد ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر کي پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن هيلي ڪاپٽر حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته شهيدن پنهنجي پيشيوراڻن فرضن …

اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مظفرآباد ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر کي پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن هيلي ڪاپٽر حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته شهيدن پنهنجي پيشيوراڻن فرضن جي ادائيگي دوران شهادت ماڻي، پوري قوم ان افسوسناڪ حادثي تي سوڳوار آهي. هن شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت فرمائي ۽ سندن پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.