راولپنڊي- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو هڪ ايم آءِ - 17 هيلي ڪاپٽر مظفر آباد ويجهو ٽيڪ آف دوران فني خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿي پيو. هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا اهلڪار شهيد ٿي ويا. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق حادثي ۾ ڪو به زنده بچي نه سگهيو. ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ پهتيون. حادثي …
مظفرآباد ۾ پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو ايم آءِ – 17 هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار
راولپنڊي- 10 جون (اي پي پي) پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو هڪ ايم آءِ – 17 هيلي ڪاپٽر مظفر آباد ويجهو ٽيڪ آف دوران فني خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿي پيو. هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا اهلڪار شهيد ٿي ويا. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق حادثي ۾ ڪو به زنده بچي نه سگهيو. ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ پهتيون. حادثي جو صحيح سبب ڄاڻڻ لاءِ بورڊ آف انڪوائري جوڙي وئي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن ان افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.












