وزيراعظم پاران مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سمورن اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فرزندن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن …

اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سمورن اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فرزندن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.