اسلام آباد - 09 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي سلور جوبلي (25هين سالگرهه) جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا سفير پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي تعاون …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سلور جوبلي جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم جي سلور جوبلي (25هين سالگرهه) جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا سفير پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم يوريشيا ۾ امن، سلامتي، اقتصادي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم ۽ موثر پليٽ فارم جي طور تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن ان اهم سنگ ميل تي شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن ۽ اداري کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته تنظيم مستقبل ۾ به علائقائي تعاون، ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي رهندي.










