اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ سيالڪوٽ جي روانگي واپار جو 10 سيڪڙو حصو آهي، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر کي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻيون پونديون. اهڙو اظهار هن موبي لنڪ ۽ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر سيالڪوٽ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح واري تقريب کي …
ملڪي معيشت ۾ سيالڪوٽ جي روانگي واپار جو 10 سيڪڙو حصو آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ سيالڪوٽ جي روانگي واپار جو 10 سيڪڙو حصو آهي، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر کي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻيون پونديون. اهڙو اظهار هن موبي لنڪ ۽ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر سيالڪوٽ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ان منصوبي کي ترقيءَ جي لحاظ سان هڪ شاندار آپشن قرار ڏنو. هن چيو ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ملڪ ۾ آءِ ٽي جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪرار ادا ڪري رهيو آهي. انڪيوبيشن سينٽر سينٽر حيدرآباد هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي آمدني حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ جي صنعت انتهائي فعال ۽ متحرڪ آهي، پاڪستان جي مجموعي روانگي واپار ۾ سيالڪوٽ جو حصو 10 سيڪڙو آهي جيڪو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. شزه فاطمه خواجه چيو ته هن وقت هي اهم معاملو آهي ته مصنوعي ذهانت جي دؤر ۾ عالمي آٽو انڊسٽري سان ڪهڙيءَ طرح مسابقت رکي وڃي، حڪومت ڪاروباري ادارن ۽ آءِ ٽي سميت جديد ٽيڪنالاجي جي فراهميءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر کي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻيون پونديون.











