اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مختلف تهذيبن، ثقافتن ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام، رواداري ۽ تعميري رابطن کي هٿي وٺرائڻ عالمي امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي لاءِ اڻٽر آهي، موجوده عالمي حالتن ۾ اختلافن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ تڪرار بدران ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل سهڪار جو رستو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار …
مختلف تهذيبن، ثقافتن ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام، رواداري ۽ تعميري رابطن کي هٿي وٺرائڻ عالمي امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي لاءِ اڻٽر آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مختلف تهذيبن، ثقافتن ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام، رواداري ۽ تعميري رابطن کي هٿي وٺرائڻ عالمي امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي لاءِ اڻٽر آهي، موجوده عالمي حالتن ۾ اختلافن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ تڪرار بدران ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل سهڪار جو رستو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو هر سال 10 جون تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هميشه عالمي سطح تي پُرامن، برداشت، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ جو علمبردار رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ کي درپيش سلامتي، معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز جو اثرائتو ۽ پائيدار حل گڏيل ڪوششن، پارلياماني سفارتڪاري ۽ تعميري ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ عوام جو نمائنده آواز آهي جيڪو گڏيل هم آهنگي، احترام ۽ خوشگوار لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪرار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ قائم 103 پارلياماني فرينڊشپ گروپس سڄي دنيا جي پارليامانن سان رابطن کي هٿي وٺرائڻ، هڪٻئي جي نقطه نظر کي بهتر طور تي سمجهڻ، گڏيل اعتماد ۽ احترام جي استحڪام ۽ گڏيل ترقي ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان هڪ ذميدار ۽ امن پسند رياست طور تي اوڀر ۽ اولهه وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام و تفهيم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هاڪاري ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. اسپيڪر چيو ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ دوران پڻ پاڪستان ذميداراڻي طرزِ عمل جو مظاهرو ڪندي پهلگام فالس فليگ آپريشن حوالي سان ڀارت جي پاڪستان خلاف ڪُوڙي پروپيگنڊا جي روشنيءَ ۾ شفاف، غير جانبدار ۽ گڏيل جاچ جي آڇ ڪئي ۽ ان معاملي جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان هر موقعي تي تڪرارن جي پُرامن حل، علائقائي استحڪام ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏور رس حڪمت عملي پاڪستان جي مؤقف کي عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو سڄي دنيا اعتراف ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۽ اسرائيلي فوج طرفان فلسطين ۾ هٿين خالي ۽ مظلوم شهرين تي ٿيندڙ ڏاڍ سخت ڳڻتيءَ جو سبب آهن. هن عالمي برادريءَ تي ڪشميري ۽ فلسطيني عوام تي ٿيندڙ ڏاڍ جي خاتمي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانونن ۽ معاهدي جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جو احترام علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي امن، عالمي سهڪار ۽ تعميري سفارتڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار جاري رکندو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مختلف تهذيبن، مذهبن ۽ ثقافتن وچ ۾ رابطن، ڳالهين، گڏيل احترام نفرت، انتهاپسندي ۽ تعصب جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته هڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال دنيا جي قيام لاءِ عالمي برادريءَ کي گڏيل احترام، مساوات ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.










