وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ گرين ڪمپيڪٽ لاڳو ڪرڻ ۽ آئينده جي لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گرين ڪمپيڪٽ برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ 35 ملين پائونڊ ماليت …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ گرين ڪمپيڪٽ لاڳو ڪرڻ ۽ آئينده جي لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گرين ڪمپيڪٽ برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ 35 ملين پائونڊ ماليت جو هڪ ٻه طرفي موسمياتي سهڪار جو فريم ورڪ آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ موسمياتي مزاحمت کي مضبوط بنائڻ آهي. ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر گرين ڪمپيڪٽ جي ايڪشن پلان تي بريفنگ ڏني ۽ ان جي اهم هدفن ۽ ڄاڻايل شعبن جي سهڪار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته گرين ڪمپيڪٽ تحت اهڙا قدم ۽ منصوبا جوڙڻ گهرجن جيڪي عوام لاءِ اثرائتا ۽ جٽادار نتيجا پيدا ڪن. وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر کي اسلام آباد ۾ گرين يونيورسٽي جي قيام جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائيءَ کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته ان سلسلي ۾ اٽليءَ سميت مختلف عالمي ڀائيوارن ۽ آرڪٽڪ سرڪل سان واڳيل ادارن سان صلاح مشورا جاري آهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سهڪار سان قائم گرين ٽيڪ هب بابت به بريفنگ ڏني. انهن قدمن جو مقصد گرين ٽيڪنالاجي ۽ پائيدار ڪاروباري رٿائن تي ڪم ڪندڙ نوجوان ڪاروباري ماڻهن جي معاونت ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي صرف گرين انٽر پرينيوئر شپ تائين محدود معاونت فراهم ڪرڻ ڪافي ناهي پر کين تحقيق، جدت ۽ اهڙا عملي حل پيدا ڪرڻ جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن، جيڪي ماحولياتي ۽ موسمياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. جين ميرٽ وفاقي وزير کي برطانيه جي يوٿ انٽرپرينيئوئر شپ پروگرامن ۽ برطانوي هاءِ ڪميشن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ جاري مختلف رٿائن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جنهن جو مرڪز موسمياتي مزاحمت ۽ ماحول دوست حل کي هٿي ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ شروعاتي وارننگ سسٽمز کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۽ موسمياتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيارين کي بهتر بنائڻ وارن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں