پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج ۾ زبردست تيزي، 100 انڊيڪس ۾ 200 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي. سيڙپڪارن جي مثبت رجحان سبب 100 انڊيڪس 2000 کان وڌيڪ پوائنٽس وڌي ڪري هڪ لک 71 هزار 6 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ تيزي سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته مختلف شعبن جي شيئرز جي قيمتن ۾ …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي. سيڙپڪارن جي مثبت رجحان سبب 100 انڊيڪس 2000 کان وڌيڪ پوائنٽس وڌي ڪري هڪ لک 71 هزار 6 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ تيزي سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته مختلف شعبن جي شيئرز جي قيمتن ۾ به نمايان بهتري رڪارڊ ڪئي وئي. واضع رهي ته سومر ڏينهن جي آخر ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1525 پوائنٽس جي گهٽتائي بعد هڪ لک 68 هزار 953 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. پر نئين ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ ڀرپور ريڪوري ڪندي مثبت رجحان اختيار ڪري ورتو.