وزيراعظم پاران بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت، نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي ترجيح آهي: شهباز شريف

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل جي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي ترجيح آهي، سڄو عمل شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي. هو اڱاري ڏينهن هتي پنهنجي صدارت ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل جي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي ترجيح آهي، سڄو عمل شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي. هو اڱاري ڏينهن هتي پنهنجي صدارت ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير احمد تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ ٽيڪسز واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري اسان جي ترجيح آهي. هن بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نجڪاري جي سڄي عمل کي تمام گهڻي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي. هن ڊسڪوز جي نجڪاري کان پوءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڊسڪوز جي نجڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن مطابق پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي نجڪاري ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته انهن ٽنهي ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ اظهار  دلچسپي قومي ۽ عالمي اخبارن ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي انهن ٽنهي ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري به ڏيئي ڇڏي آهي. بريفنگ موجب، سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ هن مهيني کان روڊ شو منعقد ڪيا پيا وڃن. سعودي عرب، ترڪيه ۽ چين جي سيڙپڪارن لاءِ عالمي سطح تي روڊ شو پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن.