پاڪ-چين دوستي "آئرن برادرز” جي لازوال، آزمايل ۽ منفرد رشتي تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسلن تائين منتقل ٿيندي رهي آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ چين-پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ-چين دوستي "آئرن برادرز" جي لازوال، آزمايل ۽ منفرد رشتي تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسلن تائين منتقل ٿيندي رهي آهي. وزيراعظم …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ چين-پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ-چين دوستي "آئرن برادرز” جي لازوال، آزمايل ۽ منفرد رشتي تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسلن تائين منتقل ٿيندي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري کانپوءِ، پاڪ-چين دوستي نئين بلندين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ منفرد تعلق رکن ٿا جيڪو روايتي سفارتي رابطن کان گهڻو اڳتي آهي. هو اڱاري ڏينهن هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ "شنهوا نيوز ايجنسي” پاران سي پيڪ جي تعمير، پاڪ-چين دوستي جي 75 سالن ۽ گلوبل گورننس انيشيئيٽو جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن جو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زائي ڊونگ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها نه رڳو حڪومت لاءِ پر پوري پاڪستاني قوم لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان هڪ اهڙي لازوال رشتي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون جيڪو هڪ قوم جي حيثيت سان اسان لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي ۽ اسان جي دلين جي تمام گهڻو ويجهو آهي. هن چيو ته اسان هڪ مضبوط ۽ اڻٽٽ تعلق جوڙي رکيو آهي جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. هن چيو ته اسان کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ "آئرن برادرز” جو رشتو هڪ غير معمولي ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان تازو ئي چين جو دورو ڪيو جتي پاڪ-چين دوستي جي عزم کي ورجايو ويو ۽ ان وزن کي عملي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نئون تحرڪ ۽ حوصلو مليو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تازي چين جي دوري پاڪ-چين دوستي کي نئين بلندين تي پهچايو آهي. آئُون سدائين پنهنجن چيني دوستن کي چوندو آهيان ته هي دوستي اسان کي هڪ نسل کان ٻئي نسل منتقل ٿي آهي ۽ هي هڪ ميراث آهي جيڪا اسان کي پنهنجن بزرگن کان ملي آهي، جيڪي ڪهاڻيون اسان ٻڌون ٿا ۽ جيڪا ترقي اسان گڏجي حاصل ڪئي آهي اها غير معمولي نوعيت جي آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو هڪ گڏيل سرحد رکن ٿا پر جبلن ۽ دريائن سميت مضبوط رشتي ۾ به گڏ آهن جيڪو سدائين لاءِ فخر جوڳو ۽ قدر جوڳو آهي. وفاقي وزير صدر شي جن پنگ جي ڏاهپ واري قيادت ۾ عالمي گورننس قدمن کي ساراهيندي چيو ته انهن قدمن ٿوري وقت ۾ مثبت نتيجا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو مقصد گلوبل سائوٿ جي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۽ انهن جي نمائندگي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته چين-پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته صدر شي جن پنگ جو اسلام آباد جو دورو هڪ تاريخي سنگ ميل هو جنهن پاڪستان ۽ چين جي عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين سفر جو آعاز ڪيو. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير جي حيثيت سان، منهنجو اهو يقين آهي ته ثقافتي اچ وڃ، عوامي رابطا ۽ ميڊيا تعاون هن ڀائيواري ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهُون ٿا. هن چيو ته گذريل 75 سالن ثابت ڪيو آهي ته پاڪ-چين دوستي هر موسم ۾ قائم رهندڙ، آزمايل ۽ وقت جي آزمائش تي پوري لهندڙ دوستي آهي. وفاقي وزير چيو ته مختلف دورن ۽ ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن مختلف مرحلا طئه ڪيا آهن، تنهن هُوندي به هر گذرندڙ سال سان گڏ، پاڪ چين دوستي ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ تسلسل پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته هو پاڻ به عوامي اچ وڃ جو هڪ عملي نمونو آهن. پنجاب حڪومت ۾ هڪ نوجوان آفيسر جي حيثيت سان، چين جو دورو ڪندڙ وفدن جو حصو رهيو جتي آءِ ڊي سي پي سي سان مسلسل رابطا ۽ مٽاسٽا ٿي. هن چيو ته انهن تجربن ثابت ڪيو ته عوامي رابطن جي اهڙي مٽاسٽا تمام گهڻي مثبت، لاڀائتي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتر مستقبل جو بنياد ثابت ٿي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت، وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وزارت پاران سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي گورننس قدمن جي فروغ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. وفاقي وزير پنهنجي خطاب جو اختتام "پاڪ چين دوستي زنده باد” جي لفظن سان ڪيو.