قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا بجيٽ اجلاس 10 جون تي طلب لاءِ سمري موڪلي وئي آهي، امڪان آهي ته بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا بجيٽ اجلاس 10 جون تي طلب ڪرڻ جي حوالي سان تجويز تي ٻڌل سمري موڪلي وئي آهي، امڪان آهي ته بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس سڏائڻ لاءِ سمري موڪلي …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا بجيٽ اجلاس 10 جون تي طلب ڪرڻ جي حوالي سان تجويز تي ٻڌل سمري موڪلي وئي آهي، امڪان آهي ته بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس سڏائڻ لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس 10 جون تي شام 5 وڳي طلب ڪرڻ جي تجويز آهي. سينيٽ جو اجلاس 10 جون تي شام 4 وڳي سڏائڻ جي سمري موڪلي وئي آهي. امڪان آهي ته بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي.