سامُونڊي معاملن جي وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌري سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ملاقات

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي بندرگاهن ۽ اسپورٽس سيڪٽر وچ ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ وفاقي وزير راندين کي هٿي وٺائڻ لاءِ بندرگاهي ادارن جي تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان جون …

اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي بندرگاهن ۽ اسپورٽس سيڪٽر وچ ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ وفاقي وزير راندين کي هٿي وٺائڻ لاءِ بندرگاهي ادارن جي تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان جون بندرگاهون ۽ سامونڊي انفراسٽرڪچر ملڪ ۾ راندين کي هٿي وٺائڻ ۽ ان جي بقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان مقصد لاءِ سامونڊي علائقن ۾ راندين جي ترقي، نوجوانن جي شموليت ۽ ڪميونٽي انگيجمينٽ لاءِ خصوصي پليٽ فارمز جي قيام جي تجويز غور هيٺ آئي. هن چيو ته بندرگاهون ۽ سامونڊي خطو هاڻي رڳو واپار ۽ لاجسٽڪس تائين محدود ناهي رهيو پر قومي ترقي جو اهم مرڪز بڻجندو پيو وڃي جتي راند، تعليم ۽ ماحولياتي آگاهي کي گڏ ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته بليو اڪانمي جي ويزن تحت اسپورٽس ڊولپمينٽ کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. جنهن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ڪوسٽل اسپورٽس اڪيڊميز، ڪرڪيٽ ٽريننگ سينٽرز ۽ نوجوانن لاءِ خصوصي پروگرامز قائم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ڪرڪيٽ پاڪستان ۾ اتحاد جي سڀ کان وڏي علامت آهي ۽ جيڪڏهن ان کي سامونڊي سڃاڻپ سان ڳنڍيو وڃي ته اها نوجوانن ۾ سامونڊي تحفظ، ماحولياتي تبديلي ۽ سامونڊي وسيلن جي اهميت بابت آگاهي جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهجي ٿي. هن جو چوڻ هو ته راندين کي سامونڊي آگاهي مهمن سان مربوط ڪري نه رڳو ماحولياتي مسئلن جهڙوڪ سامونڊي آلودگي ۽ ماهيگيري جي وسيلن ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏئي سگهجي ٿو. پر سامونڊي علائقن جي نوجوانن لاءِ بهتر موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا. شاهد آفريدي ان تجويز جي آجيان ڪندي چيو ته رانديون نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن ۽ ان کي ماحولياتي آگاهي لاءِ به اثرائتي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي ۾ اسپورٽس ٽوئرازم ۽ گراس روٽ سطح تي ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ جا بي شمار موقعا موجود آهن. ملاقات ۾ ڪراچي، گوادر ۽ ٻين بندرگاهي شهرن ۾ ڪوسٽل اسپورٽس اينڊ اوشين اويئرنيس ڊرائيوز شروع ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو، جن ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس سان گڏوگڏ مينگروز جي تحفظ، سامونڊي حياتياتي تنوع ۽ وسيلن جي ذميواراڻي استعمال سان لاڳاپيل آگاهي سيشنز شامل هوندا. ان ڄاڻايل فريم ورڪ تحت بندرگاهي ادارا بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ مدد فراهم ڪندا جڏهن ته اسپورٽس تنظيمون ۽ نجي شعبا تربيتي ۽ آگاهي پروگرامز جوڙيندا. ملاقات جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سامونڊي ۽ اسپورٽس سيڪٽر وچ ۾ تعاون لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪيو ويندو جنهن جو مقصد پاڪستان جي بليو اڪانامي جي ويزن کي سگهه ڏيڻ ۽ راندين ذريعي سماجي هم آهنگي ۽ ماحولياتي شعور کي هٿي ڏيڻ آهي.