حڪومت هر پاڪستانيءَ کي مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ جي موقعن جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت هر پاڪستانيءَ کي مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ جي موقعن جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار گوگل، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، ٽيلي نار پاڪستان ۽ انووسٽا جي سهڪار سان اي آءِ سِکو 2026ع جي ڪامياب پڄاڻيءَ تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت هر پاڪستانيءَ کي مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ جي موقعن جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار گوگل، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، ٽيلي نار پاڪستان ۽ انووسٽا جي سهڪار سان اي آءِ سِکو 2026ع جي ڪامياب پڄاڻيءَ تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن قدمن سڄي ملڪ مان هزارين خواهشمند ڊولپرز، تخليق ڪارن ۽ ٽيڪنالاجي جي شوقينن کي گڏ ڪيو ۽ پاڪستان جي مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل ڊجيٽل معيشٽ طرف اڳڀرائي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ وفاقي وزير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽيلينار پاڪستان جي سي اِي او اويس وهرا، گوگل جي ڊولپرز اينڊ بلڊر ايڪو سسٽم بابت ريجنل ليڊ سعد حامد، انووسٽا جي سي اِي او هشام سرور سميت صنعت جي ڪيترائي ماهر به موجود هئا. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ڪاميابين کي ساراهيو ۽ سندن ٽيم کي اعزازن سان نوازيو ويو، جن حقيقي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتي اي آءِ تي ٻَڌل حل تيار ڪيا. ”اي آءِ سِکو 2026ع“ جي آن لائن چئلينج ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي جن ۾ 40 سيڪڙو پيشيور ڊولپرز شامل هئا، جيڪي پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ 7 هزار کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن فعال حصو ورتو، 2600 کان وڌيڪ ٽيمون جوڙيو ويون ۽ علائقائي ۽ قومي مقابلن ذريعي 600 کان وڌيڪ منصوبا جمع ڪرايا ويا. گوگل جي جديد ترين اي آءِ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻندي شرڪت ڪندڙن مختلف شعبن لاءِ ايپلي ڪيشنز ۽ انٽر ايڪٽو تجربا تيار ڪيا، جن ۾ انهن جي فني مهارتن، تخليقي صلاحيتن ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي قابليت نمايان رهي. علائقائي سطح تي جاچ پڙتال کانپوءِ 6 فائنلسٽ ٽيمون قومي فائنل تائين پهتيون جتي 25 لک رپين جي ماليت جا انعام لاءِ مقابلا ڪيا ويا. پهرين پوزيشن سٽرڪلر (ڪراچي)، ٻي پوزيشن نرچر (اسلام آباد)، ٽين پوزيشن وابئر ونڪس (لاهور) حاصل ڪئي. انهن ٽيمن قومي سطح جي ان اي آءِ مقابلن ۾ غير معمولي جدت، تخليقي صلاحيتن ۽ فني مهارت جو مظاهرو ڪندي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته مان AI Seekho 2026 جي سمورن ڪاميابي ماڻيندڙن ۽ـ شرڪت ڪندڙن کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿي. ان موقعي تي ٽيلي نار جي اويس وهرا چيو ته اي آءِ سکيو پاڪستان جي ڊجيٽل ترقيءَ لاءِ اسان جي عزم جو عملي مثال آهي جنهن جو مقصد ماڻهن کي اهڙين مهارتن سان ليس ڪرڻ آهي جيڪا ٽيڪنالاجي کي حقيقي اثرن ۾ تبديل ڪري سگهن. گوگل جي سعد حامد چيو آهي ته اي آءِ سکو ذريعي اسان ڊولپرز کي جديد ترين اي آءِ ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۽ پنهنجن خيالن کي اثرائتي حل ۾ تبديل ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيا آهيون. انووسٽا جي هشام سرور چيو ته اي آءِ سکو مختلف پسِ منظر سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا آهن جتي هو سکي سگهن ٿا، تخليق ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن ٿا. ٽيلي نار پاڪستان، آءِ ٽي وزارت، گوگل ۽ انووسٽا جي گڏيل سهڪار سان ”اي آءِ سکو 2026ع“ جامع تعليمي موقعا، رهنمائي ۽ ايڪو سسٽم ذريعي مصنوعي ذهانت جي تعليم تائين رسائي کي وڌيڪ عام بڻايو.

مزید خبریں