پاڪستان ۽ ماريشس پاران واپار ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان ماريشس جي پرڏيهي وزارت جي نمائندي مروِن اين چيڊمبارم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ موجوده ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو ۽ …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان ماريشس جي پرڏيهي وزارت جي نمائندي مروِن اين چيڊمبارم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ موجوده ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نون موقعن تي غور ڪيو ويو. ڌُرين واپار ۾ واڌ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. رانا احسان افضل خان ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطا نئين واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ اداره جاتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، واپاي رابطن کي آسان بنائڻ ۽ گڏيل مفاد رکندڙ نَون شعبن ۾ ڀائيواريءَ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن ٻه طرفن ناتن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل خوشحاليءَ لاءِ باقاعده رابطن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن واپار کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري رابطن جي استحڪام ۽ اقتصادي سهڪار جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں