اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3094 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 52 هزار 2 سئو 33 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 094 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 52 هزار 2 سئو 33 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 795 رپين جي گهٽتائي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3094 رپين جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3094 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 52 هزار 2 سئو 33 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 094 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 52 هزار 2 سئو 33 روپين جو ٿي ويو آهي، 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 795 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 89 هزار 692 رپين مان گهٽجي 3 لک 86 هزار 907 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 57 هزار 443 رپين مان گهٽجي 3 لک 54 هزار 919 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 94 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 7173 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 86 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6116 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4328 ڊالرز کان گهٽجي 4298 ڊالرز ٿي وئي.











