اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ورلڊ اوشنز ڊي جي موقعي تي انسانيت ۽ سامونڊي وسيلن وچ ۾ تعلق تي نئين سر غور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته وڌندڙ ماحولياتي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي وسيلن جي تحفط لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي. وزات مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته …
وڌندڙ ماحولياتي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي وسيلن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ورلڊ اوشنز ڊي جي موقعي تي انسانيت ۽ سامونڊي وسيلن وچ ۾ تعلق تي نئين سر غور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته وڌندڙ ماحولياتي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي وسيلن جي تحفط لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي. وزات مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته سمنڊ رڳو ماحولياتي نظام نه پر زمين جي بنيادي لائيف سپورٽ سسٽمز آهن، جيڪي هوا، خوراڪ ۽ عالمي آبهوا کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته سمنڊن جي حوالي سان رڳو آگاهي نه پر اڳيان وڌي عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن انهن جي تحفظ، بحالي ۽ پائيدار استعمال کي هڪ گڏيل عالمي ذميواري طور اختيار ڪري سگهجي. وفاقي وزير سامونڊي تحفظ لاءِ جاري قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هفتيوار صفائي مهم جي تعريف ڪئي، جنهن جو مقصد سامونڊي ڪچري ۾ گهٽتائي ۽ بندرگاهي ماحول جي بهتري آهي. هن چيو ته سامونڊي علائقن جي بحالي ۽ سامونڊي حياتياتي تنوع کي هٿي ڏيڻ لاءِ به مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهن. هن چيو ته الماس قاسماني مينگرو ۽ تحفظ، حياتياتي تنوع جي دستاويز بندي، ماحول دوست سياحت کي هٿي ڏيڻ، وڻڪاري مهمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو سفير به نامزد ڪيوويو آهي. هن گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي رپورٽن جو حوالو ڏيندي چيو ته سمنڊ، جيڪي عالمي آبهوا جا اهم ريگيوليٽر آهن، موسمياتي تبديلي، حياتياتي تنوع جي نقصان ۽ وڌندڙ گدلاڻ سبب شديد دٻاءَ جو شڪار آهن. هن چيو ته پاڪستان ڊيٽا شيئرنگ ۽ سامونڊي جدت جي شعبن ۾ عالمي تعاون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ڌرين، حڪومت، صنعت ۽ سول سوسائٽي تي زور ڀريو ته رڳو اعلانن بدران ٺوس ۽ عملي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.











