قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۾ 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ذريعي 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائيون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهن. …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ذريعي 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائيون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين تي قوم کي فخر آهي. هن دهشتگردي خلاف عزم استحڪام تحت جاري قومي مهم جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پوري قوم متحد آهي. هن اتر وزيرستان سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشنز جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن ۽ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.