پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪاروبار جي شروعات تي ئي وڪري جو دٻاءُ وڌڻ سان 100 انڊيڪس ۾ 1500 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس گهٽجي 168،432 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. سيڙپڪارن جي محتاط رويي ۽ وڪري جي وڌندي رجحان، مارڪيٽ …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪاروبار جي شروعات تي ئي وڪري جو دٻاءُ وڌڻ سان 100 انڊيڪس ۾ 1500 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. مارڪيٽ ۾ شديد ٻاڙائي سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس گهٽجي 168،432 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. سيڙپڪارن جي محتاط رويي ۽ وڪري جي وڌندي رجحان، مارڪيٽ جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڪارروباري هفتي جي آخري ڏينهن 100 انڊيڪس 170،478 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، جنهن جي مقابلي ۾ نئين هفتي جي شروعات تي نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

مزید خبریں