پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو ملاقات جي لاءِ آيل ازبڪستان جي سفير علي شير تختيوف سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلسازي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سميت ميڊيا، فلم ۽ ثقافتي تعاون جي …

اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو ملاقات جي لاءِ آيل ازبڪستان جي سفير علي شير تختيوف سان ڳالهائي رهيو هو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلسازي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سميت ميڊيا، فلم ۽ ثقافتي تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ازبڪستان جي سفير خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ اسلام آباد امن ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفقي وزير چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ازبڪستان سان گڏجي مختصر فلم، دستاويزي فلم يا ڊراما سيريز جي آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي، ان نوعيت جي منصوبن جي لاءِ تجربيڪار پروڊڪشن ادارن جي شموليت ضروري آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته گڏيل فنڊنگ جي ذريعي وڏي پئماني تي فلمي منصوبي کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان ۽ ازبڪستان جي گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي طرفن کان سوشل ميڊيا ٽيمز جي وچ ۾ رابطن جي فروغ، گڏيل ڊيجيٽل مواد جي تياري ۽ ٺوس آن لائين تشهيري حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي، ان ڏس ۾ ٻنهي طرفن کان صحافين جا مطالعاتي دورا پڻ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ ميڊيا لاڳاپن کي نئين سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں