اسلام آباد-07 جون (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف (سي اين ايس) ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز، نشان امتياز (ملٽري) تمغه بسالت چيو آهي ته پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي محافظ جي حيثيت سان پاڪ بحريه سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري ڪيل بيان موجب سمنڊ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سي …
پاڪ بحريه سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ سرگرم آهي: ايڊمرل نويد اشرف
اسلام آباد-07 جون (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف (سي اين ايس) ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز، نشان امتياز (ملٽري) تمغه بسالت چيو آهي ته پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي محافظ جي حيثيت سان پاڪ بحريه سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري ڪيل بيان موجب سمنڊ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سي اين ايس چيو ته پاڪ بحريه سامونڊي ماحول جي تحفظ ۽ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال جي سمنڊ جي عالمي ڏهاڙي جي مجموعي مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ بحريه سامونڊي گدلاڻ گهٽائڻ ۽ عربي سمنڊ جي صحت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سامونڊي صفائي جي باقاعده مهمن، آگاهي مهمن ۽ ماحولياتي پروگرامن ذريعي قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي سمنڊن جو تحفظ گڏيل ذميواري ۽ قومي ترجيح آهي. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ چشتي سان دور انديش سان ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ۽ ايندڙ نسلون صحتمند، لچڪدار ۽ پيداواري سياري جا وارث هجن. مان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان ان مقصد لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. اچو اسان موجوده قدمن جو جائزو وٺون، عالمي تعاون وڌايون ۽ انهن قدمن تي عملدرآدمد تيز ڪريون جن سان اسان پنهنجي سالميت ۽ مثبت ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قابل قدر شيون بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته سمنڊن جو عالمي ڏينهن هر سال 8 جون تي سمنڊن جي حيثيت تسليم ڪرڻ ۽ سامونڊي ماحول جي تحفظ جي حوالي سان اسان جي گڏيل ذميواري کي ورجائڻ لاءِ ملهايو وڃي ٿو. سمنڊخوراڪ، توانائي ۽ معاشي خوشحالي جو ذريعو پڻ آهن،ا سان کي سامونڊي گدلاڻ، ضرورت کان وڌيڪ ماهيگيري، سامونڊي رهائشگاهن جي تباهي ۽ موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ خطرا اسان جي سمنڊن جي صحت ۽ پائيداري کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ايڊمرل نويد اشرف چيو ته ميرين پروٽيڪٽڊ ايرياز سمنڊ جا مخصوص علائقا آهن جتي قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ انساني سرگرمين جو احتياط سان انتظام ڪيو ويندو آهي، هي سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ نازم ماحولياتي نظام جهڙي مرجان جا جبل، ميگرووز، مڇي جي آبادي خطري ۾ ورتل سامونڊي جيوت ۽ سامونڊي رهائشگاهن جي حفاظت لاءِ اهم اوزارن طور ڪم ڪن ٿا. ميرين پروٽيڪٽڊ ايرياز جو مضبوط ۽ موثر انتظام ماحولياتي لچڪ کي وڌائي ٿو. پائيدار ماهيگيري جي حمايت ڪري ٿو ۽ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هلندڙ سال جو ٿيم ملڪن کي صحتمند ۽ وڌيڪ پائيدار سامونڊي ماحول لاءِ ايم پي ايز کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو، هن چيو ته سمنڊن جو عالمي ڏينهن ماڻهن ۽ ڪميونٽيز کي سامونڊي جيوت جي تحفظ جي حوالي سان انهن ذميوارين جي ياد ڏياري ٿو، پلاسٽڪ جي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ، پاڻي جي گدلاڻ کي روڪڻ، ماهيگيري جي پائيدار طريقن جي حمايت ڪرڻ ۽ سامونڊي صفائي جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ اهم طريقا آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا، ماحولياتي تنظيمون سامونڊي ادارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو سمنڊ جي تحفظ ۽ سامونڊي وسيلن جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏي ٿو.










