چيف اليڪشن ڪمشنر جي بي جو چيف جسٽس سپريم اپيليٽ ڪورٽ کي خط، عام چونڊون شفاف ۽ غير جانبدارڪرائڻ جي يقين ڌياني

گلگت-07 جون (اي پي پي)  چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان، چيف جسٽس سپريم اپيليٽ ڪورٽ کي يقين ڌياني ڪرائي آهي ته جي بي جي عام چونڊون مڪمل طور تي شفاف، غيرجانبدار ۽ منظم چونڊ نظام تحت منعقد ڪيون پيون وڃن. پنهنجي خط ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، چونڊن جي شفافيت ۽ غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل مختلف انتظامي، قانوني ۽ سيڪيورٽي قدمن کان به عدالت کي تفصيلي …

گلگت-07 جون (اي پي پي)  چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان، چيف جسٽس سپريم اپيليٽ ڪورٽ کي يقين ڌياني ڪرائي آهي ته جي بي جي عام چونڊون مڪمل طور تي شفاف، غيرجانبدار ۽ منظم چونڊ نظام تحت منعقد ڪيون پيون وڃن. پنهنجي خط ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، چونڊن جي شفافيت ۽ غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل مختلف انتظامي، قانوني ۽ سيڪيورٽي قدمن کان به عدالت کي تفصيلي طور تي آگاه ڪيو. سپريم اپيليٽ ڪورٽ جي بي جي ترجمان مطابق عدالت عوام کي بروقت ۽ موثر انصاف جي فراهمي سان گڏوگڏ جمهوري عمل جي شفافيت ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي آئيني ذميواريون ادا ڪري رهي آهي. واضح رهي ته چيف جسٽس، سپريم اپيليٽ ڪورٽ جي رجسٽرار ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان کي تحريري حڪم نامو جاري ڪندي 7 جون کي منعقد ٿيندڙ عام چونڊن ۾ شفافيت، غيرجانبداري ۽ انصاف جي تقاضدن کي هر صورت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي.