اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محفوظ، غذائيت سان ڀرپور، پائيدار ۽ پاڻڀري غذائي مستقبل لاءِ خوراڪ ۽ قدرتي وسيلن جي قدر ۽ تحفظ جي عهد جي تجديد تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت کي جامع تحقيق جي گهٽتائي، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، آبادي ۾ واڌ، خوراڪ جي بدلجندڙ رجحانن جهڙا چئلينجز درپيش آهن. خوراڪ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران محفوظ، غذائيت سان ڀرپور، پائيدار ۽ پاڻڀري مستقبل لاءِ خوراڪ ۽ قدرتي وسيلن جي قدر ۽ تحفظ جي عهد جي تجديد تي زور
اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محفوظ، غذائيت سان ڀرپور، پائيدار ۽ پاڻڀري غذائي مستقبل لاءِ خوراڪ ۽ قدرتي وسيلن جي قدر ۽ تحفظ جي عهد جي تجديد تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت کي جامع تحقيق جي گهٽتائي، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، آبادي ۾ واڌ، خوراڪ جي بدلجندڙ رجحانن جهڙا چئلينجز درپيش آهن. خوراڪ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته خوراڪ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي بيمارين ۽ گدلاڻ جي خطرن کان محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي جي گڏيل ۽ بامقصد هدفن لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ غذائي نظام ۽ رسد سان واڳيل آبادگار، ڌنارن، ماهيگيرن، محققن سميت هر ماڻهو خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اڄ اسان انهن جي بي مثال خدمتن ۽ ڪردار کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته خوراڪ جي تحفظ وارو عالمي ڏهاڙي گڏيل قومن جي سرپرستي ۽ صحت واري عالمي اداري ۽ خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم جي گڏيل قيادت ۾ ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن خوراڪ ذريعي امڪاني بيمارين ۽ خطرن جي روڪٿام، انهن جي وقت سر نشاندهي ۽ موثر انتظام جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته هن سال جو موضوع ”بار کان حل تائين، هر هنڌ محفوظ خوراڪ“ آهي. هلندڙ سال خصوصي طور صحت واري عالمي اداري پاران خوراڪ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين، موت ۽ صحت تي پوندڙ انهن اثرن جي عالمي، علائقائي ۽ قومي ڪاٿي جي جامع رپورٽ به شايع ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ حيران ڪندڙ انڪشافن موجب دنيا ۾ ساليانو 866 ملين ماڻهو گدلي خوراڪ سبب بيمار ۽ هر سال اٽڪل 15 لک ماڻهو موت جي ور چڙهي وڃن ٿا. سڄي دنيا جي پيدواري صلاحيت ۾ گهٽتائي، طبي خرچ، معاشي نقصان، سماجي مسئلا، سياحت ۽ واپار جي گهٽتائي ان کانسواءِ آهن. هن چيو ته خوراڪ سان واڳيل خطرن جي عالمي انگن اکرن جو اهڙو جامع تجزيو، ملڪن کي عوامي صحت جي تحفظ لاءِ پاليسي سازي، وسيلن ۽ ضروري مداخلتي قدمن جي ترجيحن جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو. غير محفوظ خوراڪ سبب پيدا ٿيل بيماري ۽ غذائي کوٽ جو ازالو اسان جي گڏيل ذميواري آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان زرخيز، محنتي آبادگار ۽ زرعي صلاحيتن ۽و سيلن سان مالا مال ملڪ آهي. جڏهن ته ملڪي زراعت کي جامع تحقيق جي کوٽ، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، آبادي ۾ واڌ، خوراڪ جي بدلجندڙ رجحانن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، انهن مسئلن جي حل لاءِ جامع ۽ ڌيان طلب حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مربوط غذائي تحفظ، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ موسمياتي اثرن جي گهٽتائي لاءِ زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جامع قدم کڻي رهي آهي. انهن قدمن ۾ معياري ٻجن جي فراهمي، زرعي شين جي بهتر دستيابي، زرعي مشينري جو استعمال، ويليو چينز جي مضبوطي، ذخيره ڪاري مارڪيٽن جي نظام ۾ بهتري شامل آهي. خوراڪ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ حاصل ٿيل علم ۽ تجربن سان حڪومتي سطح تي فائدو ۽ صارفين جي سطح تي خوراڪ جي صفائي، معياري انتظام ۽ پچائڻ جي بنيادي اصولن سان غذائي خدشن کي موثر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، آبادگارن، يونيورسٽين، تحقيقي ادارن، نجي شعبي، سول سوسائٽي، ميڊيا، ترقياتي حصيدارن ۽ سمورن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو محفوظ، مضبوط ۽ صحت بخش غذائي نظام جوڙڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اچو اڄ خوراڪ ۽ قدرتي وسيلن جي قدر ۽ تحفظ جي تجديد ڪريون ته جيئن پاڪستان کي هڪ محفوظ، غذائيت سان ڀرپور، پائيدار ۽ پاڻڀرو غذائي مستقبل ميسر ٿي سگهي.










