سفري خدمتن جي ملڪي روانگي واپار ۾ 39.52 سيڪڙو جو نمايان اضافو

اسلام آباد- 07 جون (اي پي پي) سفري خدمتن جي ملڪي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 39.52 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب جاري مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل 26-2025ع دوران سفري خدمتن جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 872 ملين ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ سفري خدمتن جي ملڪي …

اسلام آباد- 07 جون (اي پي پي) سفري خدمتن جي ملڪي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 39.52 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب جاري مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل 26-2025ع دوران سفري خدمتن جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 872 ملين ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ سفري خدمتن جي ملڪي روانگي واپار سان 625 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو هو. اهڙي ريت گذريل مالي سال جي ڀيٽ  ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سفري خدمتن جي قومي روانگي واپار ۾ 247 ملين ڊالر يعني 39.52 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.