وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي جي ملاقات

لاهور-06 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گهرو وزير ،وزيراعظم کي ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل شنگهائي تعاون ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي مختلف اهم ملاقاتن کان به آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو وزير  جي ايندڙ تهران جي دوري جي حوالي سان به مشاورت …

لاهور-06 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گهرو وزير ،وزيراعظم کي ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل شنگهائي تعاون ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي مختلف اهم ملاقاتن کان به آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گهرو وزير  جي ايندڙ تهران جي دوري جي حوالي سان به مشاورت ٿي ۽ وزيراعظم دوري بابت رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريو.