سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ قدمن جو جائزو

اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪسان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ قدمن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي، نجڪاري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ بهتر رابطاڪاري ذريعي معاشي موقعن …

اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪسان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ قدمن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي، نجڪاري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ بهتر رابطاڪاري ذريعي معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم کي ورجايو ته حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ شفاف، قابل اعتماد ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، نجڪاري واري صلاحڪار، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، واپار واري سيڪريٽري، قانون واري سيڪريٽري ۽ نجڪاري واري سيڪٽري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.