اسلام آباد-06 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 28 هزار400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 10 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو57 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 28 هزار400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 10 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو57 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 73 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 73 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 29 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 75 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 54 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1454.38 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو1.153 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1171.15فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.632 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.40 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.189 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










