دفاع واري وزير سيالڪوٽ ٽيزي زون ۾ واٽر ٽرٽمينٽ پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سيالڪوٽ-06 جون(اي پي پي) دفاع واري وزير خواجا محمد آصف سيالڪوٽ ٽيزي زون ۾ واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سيالڪوٽ کي ملڪي ۽ عالمي طور مڃرائڻ جو ڪريڊٽ سيالڪوٽ جي واپاري برادري ڏانهن وڃي ٿو جنهن تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ چيمبر 1986 ۾ قائم ٿيو ۽ ان وقت کان لڳاتار نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. …

سيالڪوٽ-06 جون(اي پي پي) دفاع واري وزير خواجا محمد آصف سيالڪوٽ ٽيزي زون ۾ واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سيالڪوٽ کي ملڪي ۽ عالمي طور مڃرائڻ جو ڪريڊٽ سيالڪوٽ جي واپاري برادري ڏانهن وڃي ٿو جنهن تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ چيمبر 1986 ۾ قائم ٿيو ۽ ان وقت کان لڳاتار نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. خواجا محمد آصف چيو ته جيڪا عزت هن شهر بخشي آهي ان جي ادائگي اهڙن منصوبن سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيالڪوٽ چيمبر جي حصي ۾ ڊراءِ پورٽ، ايئر سيال ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪاميابيون آهن. شهر جي جغرافيه ننڍي آهي پر ان جو اثر پوري دنيا ۾ آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ جو فٽ پرنٽ سڄي دنيا تي نظر اچي ٿو.خواجا محمد آصف سيالڪوٽ جي شائننگ اسٽارز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پنهنجي ڪاروبار جي معيار کي جيترو بهتر ڪري سگهو ٿا ڪيو. سيالڪوٽ جي چمڙي ۽ ان مان تيار مصنوعات جي سڄي دنيا ۾ طلب آهي، فيشن انڊسٽري ۾ جاءِ لاءِ ويليو ايڊ ڊ پراڊڪٽس تيار ڪيون وڃن.