اسلام آباد- 06 (اي پي پي) خاص سيڙپڪاري سهولت ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) جي قيام کان پوءِ آءِ ٽي روانگي واپار ڪندڙن ۽ فري لانسنگ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاليسي ۽ مالياتي سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ايس آءَ ايف سي جي مدد سان آءِ ٽي ۽ فري لانسگ سيڪٽر لاءِ ڪاروبار دوست ماحول ۽ ريگوليٽري سهولتن کي هٿي ملي آهي. ايس آءِ ايف …
آءِ ٽي روانگي واپار ڪندڙ لاءِ نئين سهولت، ڊيجيٽل معيشت ۽ برآمدات کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 (اي پي پي) خاص سيڙپڪاري سهولت ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) جي قيام کان پوءِ آءِ ٽي روانگي واپار ڪندڙن ۽ فري لانسنگ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاليسي ۽ مالياتي سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ايس آءَ ايف سي جي مدد سان آءِ ٽي ۽ فري لانسگ سيڪٽر لاءِ ڪاروبار دوست ماحول ۽ ريگوليٽري سهولتن کي هٿي ملي آهي. ايس آءِ ايف جي مدد سان ايڪسپورٽرز اسپيشلائزڊ فارن ڪرنسي اڪائونٽس ۾ رقم برقرار رکڻ جي حد 35 کان 50 سيڪڙو تائين وڌائي وئي آهي. ايس آءِ ايف جي سهڪار سان آءِ ٽي ايڪسپورٽرز کي پنهنجي فارن ڪرنسي جي استعمال ۾ وڌيڪ خودمختياري حاصل ٿي. فارن ڪرنسي اڪائونٽس تي ريگوليٽري پابندين ۾ نرمي ۽ خاص ڊيپٽ ڪارڊز جي جاري ٿيڻ سان عالمي ادائگيون آسان بڻايو ويون. فري لانسرز لاءِ نئون فريم ورڪ متعارف ڪرائيندي بينڪاري سهولت ۽ اڪائونٽ اوپننگ جي عمل کي آسان بڻايو. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان کنيل انهن قدمن آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ ۽ وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ملڪ آئڻ لاءِ راهموار ڪئي. مالي سال 2026 جي پهرين 10 مهينن ۾ پاڪستاني فري لانسر ز جي برآمدي آمدني 95 ڪروڙ 90 لک ڊالر تائين پهچي چڪي آهي.











