گلگت-06 جون (اي پي پي)گلگت بلتستان ۾ 7 جون تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل حتمي لسٽ موجب سڄي صوبي ۾ ڪل 1319 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جن مان 488 کي نارمل، 349 حساس ۽ 551 کي انتهائي حساس …
گلگت بلتستان ۾ عام چونڊون، پولنگ اسٽيشنز جي حساسيت جي لحاظ کان درجا بندي جي حتمي لسٽ جاري

مزید خبریں
گلگت-06 جون (اي پي پي)گلگت بلتستان ۾ 7 جون تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل حتمي لسٽ موجب سڄي صوبي ۾ ڪل 1319 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جن مان 488 کي نارمل، 349 حساس ۽ 551 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ضلعن جي لحاظ کان گلگت ضلعي ۾ ڪل 253 پولنگ اسٽيشنز مان 51 نارمل، 48 حساس ۽ 154 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. امن امان برقرار رکڻ لاءِ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جي اضافي ۽ انتهائي سخت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.











